جمعو 17  آگسٽ 2018ع

دنيا کي پنهنجين حرڪتن سان کلائيندڙ مسٽر بين 63 سالن جو ٿي ويو

ويب ڊيسڪ: لاس اينجلس: دنيا کي پنهنجين حرڪتن سان کلائيندڙ مسٽر بين 63 سالن جو ٿي ويو. هالي ووڊ اداڪار روون ايٽڪنسن 6 جنوري تي پنهنجي 63 هين سالگرهه ملهائي. ميڊيا رپورٽ مطابق 6 جنوري 1955 تي انگلش ڪائونٽس ڊرهم ۾ جنم وٺندڙ روون پنهنجي ڪيريئر جو شروعات بي بي سي جي ريڊيو پروگرام ڊي ايٽڪنسن پيوپل سان ڪيو. ان بعد هن بي بي سي سان ئي هڪ ڪاميڊي شو ناٽ دي نائين او ڪلاڪ نيوز پيش ڪيو. 1990ع ۾ هن دي هيلپ ليس مسٽر بين جو پهريون ڪاميڊي شو پيش ڪيو. هن مسٽر بين جا ڪيترائي سيڪوئيلز پيش ڪيا. 1997ع ۾ مسٽر بين شو جي ڪردار کڻي ڊائريڪٽر ميل اسمٿ فلم ٺاهي، جنهن جو نالو ئي مسٽر بين رکيو ويو. 2007ع ۾ ان سلسلي ۾ ٻي فلم مسٽر بين هالي ڊي جي نالي سان ٺاهي وئي. 1995ع ۽ 1997ع دوران روون هڪ مقبول ٽيليويزن سيريز دي ٿن بليو لائين ۾ به جلوه گر ٿيو، جنهن ۾ هن هڪ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان سيريلز ۾ سندس سنجيده اداڪاري کي به وڏو ساراهيو ويو. نومبر 2012ع ۾ روون مشهور زمانه مستر بين جي ڪردار کي خيرآباد چوڻ جو فيصلو ڪيو. 2003ع ۾ هن جيمز بونڊ سيريز جي پيروڊي فلم جوني انگلش ۾ به ڪم ڪيو، جنهن جو سيڪوئل جوني انگلس ري بورن جي نالي سان 7 آڪٽوبر 2011 تي رليز ٿيو.