جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ايراني حڪومت سمورين سرڪاري ۽ پرائيويٽ پرائمري اسڪولن ۾ انگريزي جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: تهران: ايراني حڪومت طرفان سمورين سرڪاري ۽ نجي ۽ پرائمري اسڪولن ۾ انگريزي جي تعليم تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. غير ملڪي خابرو اداري مطابق ايراني تعليم کاتي جي هڪ سينئر عهديدار ٻڌايو ته ملڪ جي پرائمري اسڪولن ۾ انگريزي جي تعليم تي پابندي ايراني رهبر آيت اعليٰ الله علي خامنه اي جي ان بيان بعد لاڳو ڪئي وئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ننڍي عمر ۾ انگريزي سکڻ سان مغربي ثقافت جي داخل ٿيڻ جا دروازا کلي وڃن ٿا. ايران جي سرڪاري هاءِ ايجوڪيشن ڪونسل جي سربراهه مهدي نويد ٻڌايو ته ڪنهن به سرڪاري يا نجي پرائمري اسڪول جي نصاب ۾ انگريزي زبان جي تعليم کي شامل ڪرڻ هاڻ قانون جي خلاف هوندو. ياد رهي ته ايران ۽ مغربي ملڪن خاص طور تي آمريڪا وچ ۾ ڪافي عرصي کان لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن ۽ ايران چاهي ٿو ته سندن شهري پنهنجي روايتن سان جڙيل رهن.