اربع 23 مئي 2018ع

پوڙهي عورت کي جوان بڻائڻ وارو حيرت انگيز ميڪ اپ آرٽيسٽ

ويب ڊيسڪ: ماسڪو: عورتون پنهنجي اصل عمر کان ننڍيون نظر اچڻ لاءِ وڏا وس ڪنديون آهن پر هاڻي ميڪ اپ جو هڪ اهڙو ماهر آهي جيڪو پوڙهي عورتن کي اچرج جوڳي حد تائين جوان بڻائي ڇڏي ٿو. رپورٽ مطابق آذربائيجان جو 32 ورهين جو انر اگاڪي شيف 80 سالن جي پوڙهي عورت کي 40 سالن جي ڏيکارڻ جي غيرمعمولي صلاحيت رکي ٿو، ميڪ اپ کانپوءِ جڏهن عورتون پاڻ کي آئيني ۾ ڏسنديون آهن ته انهن کي يقين ئي ناهي ايندو ته اهو انهن جو پنهنجو چهرو آهي. انر اگاڪي هڪ وڏي ميڪ اپ اسٽوڊيو جو مالڪ آهي جيڪو پنهنجي گراهڪن کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي پر هو هڪ ڪم جو وڏو ماهر آهي يعني هو پوڙهي عورتن کي جوان بڻائي سگهي ٿو. اکين جي چوڌاري ڪارا نشان، گهنج ۽ پيرسني جا نشان ميسارڻ ۾ کيس ڪافي مهارت حاصل آهي، اهڙي طرح هو پوڙهي عورتن کي جوان ۽ پرڪشش بڻائي ڇڏي ٿو.