ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

آسٽريليا پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي اننگ ۽ 123 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

ويب ڊيسڪ: سڊني: آسٽريليا پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي اننگ ۽ 123 رنسن تان شڪست ڏئي ايشز سيريز 4-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. سڊني ٽيسٽ ۾ ميزبان آسٽريليا انگلينڊ کي سوڀ لاءِ 304 رنسن ۽ جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 180 رنسن تي پويلين موٽي وئي. انگلينڊ ڪپتان جو روٽ 58 رنسون ٺاهيون ۽ طبيعت خراب هئڻ تي کيس گرائونڊ کان ٻاهر وڃڻو پيو. ڪينگريز بالرن پهرين اننگ وانگر ٻئي اننگ ۾ به پنهنجي شاندار بالنگ جي تسلسل کي برقرار رکيو، جنهن سبب انگلش جي ڪپتان جو روٽ کانسواءِ ڪو به انگلش بيٽسمين وڪيٽ تي ڄمي نه سگهيو ۽ سڄي انگلش ٽيم هڪٻئي پويان پويلين طرف موٽندي وئي. پيٽ ڪمنز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ميچ ۾ 8 وڪيٽون حاصل ڪيون. پيٽ ڪمنز کي سٺي بالنگ سبب ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. اسٽيون اسمٿ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. سومر ڏينهن ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم پنهنجي اڌوري اننگ 93 رنسون 4 رانديگر آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ته بئريسٽو 17 رنسن تي کيڏي رهيو هو، ڪينگروز بالرن پهرين اننگ وانگر ٻي اننگ ۾ به شاندار بالنگ جي تسلسل کي برقرار رکيو. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان جوروٽ جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪو به انگلش بيٽسمين وڪيٽ تي بيهي نه سگهيو. معين علي پنجون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو، جيڪو 13 رنسون ٺاهي نيٿن ليون جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو. انگلينڊ جو ڪپتانجوءِ روٽ 58 رنسون ٺاهيون ۽ طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس گرائونڊ کان ٻاهر وڃڻو پيو. بائرسٽو 38 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو. اسٽورٽ براڊ ستون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو، جيڪو 4 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي پائن هٿان ڪيچ آوٽ ٿيو. ڪرين انگلينڊ جو اٺون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو، جيڪو 2 رنسون ٺاهي پيٽ ڪيمنز جي بال تي پائن هٿان آئوٽ ٿيو. جيمز اينڊرسن 2 رنسون ٺاهي هاز ليووڊ جي بال تي پائن هٿان ڪيچ آوٽ ٿيو. ڪيورن 23 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريلوي بالرن جي سٺي بالنگ سبب انگلينڊ جي ٽيم 180 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي. آسٽريليا طرفان پيٽ ڪيومنز چار، نيٿن ليون 3 جڏهن ته اسٽارڪ هازليووڊ هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. اهڙي ريت آسٽريلوي ٽيم انگلينڊ کي پنجين ۽ آخري ميچ ۾ اننگ ۽ 123 رنسن تان شڪست ڏئي ايشز سيريز 0-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پيٽ ڪمنز کي سٺي بالنگ عيوض ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. اسٽيون سمٿ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.