جمعو 17  آگسٽ 2018ع

بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار فلم ڪيسري جي عڪسبندي شروع ڪري ڇڏي

ويب ڊيسڪ: ممبئي: بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار فلم ڪيسري جي عڪسبندي شروع ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار اڪشي ڪمار فلم ڪيسري جي پهرين جهلڪ شيئر ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي. اها فلم منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور فلم آهي. اداڪار اڪشي ڪمار ۽ ڪرن جوهر جي گڏيل پروڊڪشن جي ڪهاڻي سارا ڳڙهي جي جي جنگ تي ٻڌل آهي. جنهن جي هدايت انوراگ سنگهه ڏيندو، جڏهن ته فلم اينڊ سال هولي جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.