جمعو 17  آگسٽ 2018ع

معصوم زينب جي قاتلن کي گرفتاري ڪري سرعام ڦاهي ڏني وڃي: سياسي اڳواڻ

ويب ڊيسڪ ڪراچي: قصور ۾ نينگري جي لڄالٽ بعد قتل واري واقعي جي ملڪ جي مک سياسي قيادت سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان تي سخت ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ٽوئيٽ ۾ چيو ته اميد ۽ دعا آهي ته جوابدار نه رڳو انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا پر انهن کي مثال به بڻايو ويندو. هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري سان گڏ کين عدالتن مان رليف نه ملڻ جو به مطالبو ڪيو وڃي، تازو ئي شاهه رخ جتوئي ڪيس اسان جي سامهون آهي. شهباز شريف جي گهر واري تهمينه دراني چيو ته ڇوڪرن سان بدفعلي بعد هي ڏکوئيندڙ خبر ملي. جيڪڏهن انهن جوابدارن کي سرعام سزا ملي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها. پي ايس پي سربراهه ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب حڪومت اسان جي ڌيئرن بدران اقتدار بچائڻ ۾ پوري آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو پهرين ته هڪ معصوم نينگري قتل ٿي ۽ پوءِ وري انصاف گهرندڙن کي گوليون هنيون ويون. پنجاب پوليس کي ماڊل ٽائون سانحي ۾ سزا نه ڏيندئو ته ايئن ئي ٿيندو. پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته زينب معصوم هئي کيس بيرحمي سان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو. سندس خاندان لاءِ منهنجي دل ڦاٽي پئي. الله کين همت ڏئي. پ پ اڳواڻ ناز بلوچ چيو ته مون وٽ اظهار لاءِ لفظ نه آهن، ٻارن جو تحفظ هر شهري جو فرض آهي، اسان کي هر ٻار جو حفاظت ڪرڻ کپي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي واقعو انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت لائق آهي. جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ کپي. تحريڪ انصاف جي علي زيدي چيو ته جنهن مقتول جي قاتل جي خبر نه هجي ان جو قتل حڪمران هوندو آهي. شهباز تاثير چيو ته زينب لاءِ ڪو انصاف آهي؟ هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ منهنجي دل زينب لاءِ روئي ٿي.