ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

انسانيت کي لڄائيندڙ قصور واقعو

ايڊيٽوريل
پنجاب جي ضلعي قصور ۾ 7 ورهين جي معصوم نياڻي زينب کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ جهڙو انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، اهڙي واقعي سڄي ملڪ جي ذي شعور ماڻهن جي ضميرن کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي ته آخر هي معاشرو ڪهڙي بي راهه رويءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، جتي هاڻ معصوم گلن جهڙين نياڻين سان به اهڙا هانءُ ڏاريندڙ واقعا پيش اچڻ معمول بڻجي ويا آهن، قصور واقعي جو سول ۽ عسڪري قيادت سميت عدليا به سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته واقعي خلاف قصور جو عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ سخت احتجاج ڪيو، اهو احتجاج پرتشدد ۾ تبديل ٿيڻ سبب 2 ڄڻا گولين جو کاڄ پڻ بڻجي ويا، قصور واقعي بعد احتجاج ڪندڙ عوام وقت جي حڪمرانن کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙي واقعي ۾ ملوث درندن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي عبرت جو نشان بڻايو وڃي، پنجاب چائلڊ رائٽس پروٽيڪشن جي هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ مطابق سال 2015ع ۾ قصور اسڪينڊل کي ملائي ڪري 451 ڪيس صرف قصور ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سال 2016ع ۾ قصور اندر اهڙا واقعا گهٽجي 141 پيش آيا هئا ۽ اهڙي طرح گذيل سال 2017ع ۾ قصور اندر ٻارڙن سان جنسي زيادتي جا 129 واقعا پيش آيا، اهڙا واقعا يقيني طور تي هن ملڪ ۽ سماج لاءِ بدنامي جو باعث بڻيل آهن، ڏٺو وڃي ته ٻارڙن سان جنسي زيادتي جا اهڙا واقعا سنڌ ۾ به پيش اچن ٿا، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ به اهڙا واقعا رپورٽ ٿين ٿا، ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر معصوم نياڻين سان ظلم ۽ زيادتين جا اهڙا ته شرمناڪ ۽ افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن، جن انسانيت جا ليڪائي لتاڙي ڇڏيا آهن، ملڪ ۾ معصوم نياڻين جون عصمتون وحشي درندن جي هٿان پائمال ٿي رهيون آهن، بي آبرو بڻيل انهن مظلوم عورتن ۽ معصوم نياڻين لاءِ هاڻ ڄڻ ته هي معاشرو اذيتن، دردن ۽ پيڙائن جي گهٽ ۽ ٻوسٽ جهڙو مصيبتن جو زندان گهر بڻجي ويو آهي. ڇا اسان اهڙي معاشري کي هڪ مهذب ۽ سڌريل معاشري جو درجو ڏئي سگهون ٿا، جنهن ۾ هر ڏينهن اهڙن شرمناڪ واقعن جو پيش اچڻ ۽ وحشي درندن جو راڄ قائم ٿيل هجي، اهڙن واقعن جي روڪٿام توڙي درندن خلاف حڪومت جي رٽ حرڪت ۾ نه اچڻ واري حڪومتي عمل ته ويتر هن معاشري کي سماجي براين ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. معصوم نياڻين جي عصمتن کي ڇيها رسائڻ جهڙا واقعا هاڻ ته سنڌ سميت ملڪ ۾ معمول بڻجڻ واري حد کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال جهڙي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. پنجاب ۾ ته معصوم نياڻين سان ظلم ۽ زيادتين جا واقعا وڌي رهيا آهن پر افسوس آهي جو قانون جي رٽ سواليه نشان بڻيل آهي، اهڙن واقعن ۾ ملوث وحشي سفاڪ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۽ مظلوم نياڻين کي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قانون جي رٽ حرڪت ۾ نظر نٿي اچي، عوامي مينڊيٽ ملڻ جي باوجود انساني حقن جي تحفظ، سماجي براين جي خاتمي، بگاڙيل سماج ۾ سڌارا آڻڻ، معصوم نياڻين جي عصمتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ حڪمران اهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بنائڻ لاءِ عملي طرح ڪو به ڪردار اد ا ڪندي نظر نٿا اچن. اسان سمجهون ٿا ته قصور واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ شرم وچان ڪنڌ جهڪائيندڙ افسوسناڪ واقعو آهي، اهڙي واقعي ۾ ملوث انسانن جي روپ ۾ ڪي وحشي درنده ئي آهن، جن کي نه رڳو قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي، بلڪي اهڙن وحشين کي اهڙي ته عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي جو ڪو به معصوم نياڻين ڏانهن ميري اک نه کڻي سگهي، ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته اهي معصوم ٻارڙن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ لاڳو ڪيل قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرائي، ملڪ اندر معصوم نياڻين جي تحفظ کي يقيني بڻائن.