اربع 23 مئي 2018ع

نيب چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ هاڪي فيڊريشن ۾ بدعنواني جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ڪرڪيٽ بورڊ ۽ هاڪي فيڊريشن ۾ وسيلن جي غير قانوني استعمال جي شڪايت تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ بدعنوانين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۾ مبينا بدعنواني جي شڪايت جي جاچ پڙتال جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ مبينا بدعنواني ۽ وسيلن جي غير قانوني استعمال جي شڪايت تي جاچ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته اسپورٽس بورڊ، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ هاڪي فيڊريشن ۾ بدعنوانين جي جاچ رپورٽ ٻن مهينن اندر پيش ڪئي وڃي. نيب چيئرمين راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽين جا تفصيل به طلب ڪيا آهن ۽ چيو ته پلاٽن جي نالي تي عوام جو سڀ ڪجهه ڦرڻ ۾ مدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. نيب ترجمان موجب نيب 3 مهينن ۾ 15 مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ هائوسنگ سوسائٽين مان ڪروڙين رپيه وٺي عوام کي واپس ڏياريا آهن.