آچر 27 مئي 2018ع

زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آئي ٽي سربراهه تبديل

ويب ڊيسڪ: قصور ۾ قتل ڪيل 7 سالن جي زينب جي والد جي اعتراض بعد گڏيل جاچ ٽيم ( جي آئي ٽي) جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي. معصوم زينب جي والد محمد امين گذريل ڏينهن جي آئي ٽي جي سربراهه ايڊيشنل آئي جي ابوبڪر خدا بخش جي نالي تي اعتراض کنيو هو، جنهن بعد آڙ پي او ملتان محمد ادريس کي گڏيل جاچ ٽيم جو نئون سربراهه بڻايو ويو آهي، جڏهن ته نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.