آچر 18 نومبر 2018ء

قصور واقعو حڪومت جي ناڪامي آهي، مسئلي کي ٺهراءَ، ۽ تقريرن تائين محدود نه ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه قصور واقعي کي پنجاب حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته سمورن صوبن جي ڪارڪردگي جا انگ اکر اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اپوزشين ليڊر چيو ته ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙي صوبي ۾ ڏوهن جي شرح ڪيتري آهي، ڏوهن جي انگن اکرن مان واضح ٿيندو ته ڪهڙي حڪومت ڪيتري ناڪام آهي. پنجاب ۾ تحفظ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويندا آهن اهي ڪٿي آهن. سندس چوڻ هو ته اهو واقعو قصور ۾ نه پر هنڌ آهي، اهو واقعو حڪومت جي ناڪامي آهي، مسئلي کي ٺهراءَ، واعدن ۽ تقريرن تائين محدود نه ڪيو وڃي، رڳو سزا ڪافي ناهي، اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، هڪ ايس پي کي هٽائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. خورشيد چيو ته قصور واقعي سموري ملڪ کي متاثر ڪيو آهي، جن جون ٻارڙيون آهن اهي ڳڻتي ۾ آهن، هر ماءُ پنهنجي ٻارڙي سان گڏ ڪٿي ڪٿي ويندي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هي پارليامينٽ نتيجو گهرندي ۽ والدين کي نتيجا ڏنا وڃن. هن چيو ته حڪومت پنجن سالن دوران ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جنهن سان ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهن، حڪومت بلڪل ناڪام رهي آهي.