آچر 27 مئي 2018ع

زينب ڪيس ۾ جوابدار جي ويجهو پهچي ويا آهيون: ترجمان پنجاب حڪومت

ويب ڊيسڪ: قصور: پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته زينب قتل ڪيس ۾ جوابدار خلاف پهرين اهم شاهدي ملي وئي آهي ۽ ڪو هڪ ماڻهو آهي جيڪو لڳاتار ٻارڙين کي اغوا بعد قتل ڪري رهيو آهي. قصور ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد خان چيو ته هڪ ئي علائقي ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، اسان کي احساس آهي ته عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي ۽ سندن ڏک جو ازالو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن کي مظاهرين تي فائرنگ نه ڪرڻ گهرجي ها، واقعي تي وڏي وزير فوري طور نوٽيس ورتو، واقعي ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ جاچ جاري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جوابدار جي ويجهو پهچي چڪاآهيون، جلد کيس انجام تائين پهچايو ويندو، 24 ڪلاڪن دوران جاچ بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. صوبائي وزير راڻا مشهود چيو ته زينب جي قاتل کي گرفتار ٿيڻ گهرجي ۽ کيس واقعي جي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي شهر جو امن خراب نه ڪرڻ گهرجي پر مصيبت جو خاتمو ڪرڻو آهي، شهرين کي درخواست آهي ته ملڪيتن کي نقصان نه پهچائين. سندس چوڻ هو ته وڏو وزير ذاتي طور ڪيس جي نگراني ڪري رهيو آهي. راڻا مشهود چيو ته ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جلد اهم اعلان ڪيو ويندو. خواجه عمران نذير چيو ته قصور واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.