جمعو 17  آگسٽ 2018ع

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي 36 ڪلاڪن ۾ زينب جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ويب ڊيسڪ: لاهور: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي معصوم زينب جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پنجاب جي شهر قصور ۾ ٻارڙي زينب کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو جنهن جو لاش ڪچري جي ڍير مان مليو. قتل جي ڏکوئيندڙ واردات سبب پوري قصور ۾ هنگامو شروع ٿي ويو ۽ شهر ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري ٿي ويو جڏهن ته ان دوران پوليس جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا به مارجي ويا. چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس منصور علي شاهه قصور واقعي جي جوابدار جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فوري طور تي آءِ جي پنجاب کي عدالت ۾ طلب ڪيو. آءِ جي پنجاب عارف نواز عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته ان واقعي کان اڳ ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پهريان ڪيس ڪٿي آهن؟ عدالتن ۾ پيش نه ٿيا؟ ڇا توهان وٽ پهرين ڪيسن جا تفصيل آهن؟ چيف جسٽس چيو ته ان ڪيس ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، 36 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي، سوسائٽي پريشان آهي ان لاءِ جوابدار کي هر صورت گرفتار ڪيو. آءِ جي پنجاب چيو ته پوليس پوري ايمانداري سان ڪم ڪري رهي آهي، يقين ڏياريان ٿو ته جوابدار هر صورت گرفتار ٿيندو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ ٻارڙن بابت سمورن ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا.