اربع 23 مئي 2018ع

آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت جا آمريڪي الزام بي بنياد آهن: ولادي ميرپوٽن

ويب ڊيسڪ: ماسڪو: روس جي صدر ولادي ميرپوٽن چيو آهي ته آمريڪا جي صدارتي انتخابن ۾ مداخلت جي آمريڪي الزام بي بنياد آهن پرڏيهي خابرو اداري موجب ماسڪو ۾ روسي صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي هن اميدظاهر ڪئي آهي ته آمريڪا کي احساس ٿيندو ته انهن الزامن سان آمريڪي مفادن کي نقصان پهچي رهيوآهي هن چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ روابط جي بهتري جو انحصار روس بجاء آمريڪا تي آهي