ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

هڪ آمريڪي ايئربيس تي موجود جاسوس جهاز جي تصوير انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي

ويب ڊيسڪ: نيويارڪ: هڪ آمريڪي ايئربيس تي موجود جاسوس جهاز جي تصوير انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهو دنيا جو سڀ کان تيز رفتار آمريڪي خفيه جهاز آهي جيڪو 7 هزار 4 سو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهي ٿو. هڪ مشهور برطانوي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل رپورٽ مطابق آمريڪي فوج طرفان خفيه طور تي تيار ڪيل هڪ اهڙي جنگي جهاز جي تصوير منظر عام تي اچي وئي آهي جيڪو 7400 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهي ٿو ۽ امڪاني طور تي هن وقت دنيا جو سڀ کان تيز رفتار جهاز به اهو ئي آهي. اها تصوير گوگل ارٿ ذريعي منظرعام تي آئي آهي جنهن ۾ گوگل سيٽلائيٽ ذريعي آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ ايئربيس جي تصوير حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايئربيس تي هڪ ٽڪنڊي شڪل وارو جهاز موجود آهي. ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته تصوير ۾ نظر ايندڙ جهاز آمريڪي ايئرفورس جو سڀ کان تيز ترين اڏام ڪندڙ هائپر سانڪ پلين آهي جنهن کي هن مهل تائين خفيه رکيو پيو وڃي ۽ ان جي اڏام کي ڪجهه ماڻهو اڏام کٽولي جي اڏام سان به ڀيٽين پيا. رپورٽ مطابق اهو خفيه هائپر سانڪ جهاز دنيا جي سڀ کان وڏي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني لاڪ هيڊ مارٽن تيار ڪيو آهي، جنهن کي تيار ڪرڻ جو پراجيڪٽ سال 2000ع ۾ شروع ٿيو هو.