آچر 27 مئي 2018ع

ريما خان پنهنجي نئين فلم جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ويب ڊيسڪ: لاهور: فلم اسٽار ۽ هدايتڪارا ريما خان پٽ سان گڏ گذريل ڏينهن آمريڪا کان پاڪستان پهچي وئي، هوءَ ٻن مهينن تائين لاهور ۾ رهندي ۽ ان دوران هوءَ ملٽي نيشنل ڪمپني جي تقريب ۽ ڪجهه ثقافتي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندي. ريما خان پنهنجي نئين فلم جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن ڪجهه ڏينهن اڳ نئين فلم ٺاهن جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته فلمي صنعت جي حالتن کي ڏسندي هن پنهنجو پراجيڪيٽ ملتوي ڪري ڇڏيو هو هاڻ هوءَ ان تي باقاعدا ڪم شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ان جي فلم جي شوٽنگ پاڪستان کان علاوه پرڏيهه ۾ به ٿيندي ۽ هوءَ پنهنجي فلم کي عالمي معيار مطابق ٺاهڻ جي خواشمند آهي، ياد رهي ته ريما خان ان کان اڳ به فلم ٺاهي چڪي آهي جنهن کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي پذيرائي ملي هئي.