ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

غربت کي گهٽائڻ لاءِ پاليسيون ڪٿي آهن؟

غلام شبير ابڙو
ملڪ جي سياسي افق تي ڪرپشن جي زلزلي جي جھٽڪن ڪاروباري سياستدانن جي ملڪ اندر ۽ ٻاهر آمدني کان وڌيڪ گڏ ڪيل ملڪيتن ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لوھه جو ڪاروبار ڪندڙ شريف خاندان هڪ ئي وقت ۾ سياست ۽ ذاتي ڪاروبار گڏ هلائيندا رهيو آهي، ان حوالي سان ( ن ليگ ) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون نواز شريف کي ذاتي طور تي گھڻو سمجھايو ته هاڻي سياست ڪيو يا ذاتي ڪاروبار ڪيو پر نواز شريف منهنجي هڪ به نه ٻڌي، تنهن ڪري اڄ ان کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن. مطلب ته هن ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ کنيا ۽ هاڻي ان لاءِ ٻئي گدرا بچائڻ تمام ڏکيو پئجي ويو آهي پر اڃا به هو ذاتي ڪاروبار ۽ سياست کي گڏ هلائڻ تي بضد آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻئي گدرا ان جي مٺ مان نڪري وڃن. نواز شريف پاران پاڪستان جي ڀلائي، خوشحالي ۽ پاڪستان جي ادارن ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ بدران پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ويجهن عزيزن لاِءِ مختلف ملڪن ۾ ذاتي ڪاروبار لاءِ منتقل ڪري سيڙپ ڪيل پئسا آخر ڪار نواز شريف ۽ ان جي خاندان لاءِ زوال جو سبب بڻجي رهيا آهن. پاڪستان جي سياست ۾ سڀ کان پهريون ڪاروباري خاندان نواز شريف جو هو، جنهن هڪ ئي وقت ذاتي ڪاروبار ۽ سياست گڏ هلائڻ جو رجحان پيدا ڪيو.ڪرپشن سبب پاڪستان جا ادارا تباھ ٿيڻ لڳا، ريلوي، پي آ ئي اي ۽ اسٽيل مل خساري ۾ پئجي ويا. 2008 ع تائين عالمي بينڪ جو قرض في فرد جي حساب سان 35 هزار رپين تائين هو پر بعد ۾ 1 لک 20 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو، انهيءَ عرصي دوران هو سڀ ارب ۽ کرب پتي بڻجي ويا پر عوام غريب ٿي ويو. هن وقت پاڪستان جو غريب عوام پنهنجن ٻچن لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي ڪاڻِ پريشان بڻيل آهي. پاناما ليڪس جي انڪشافن کان پوءِ جڏهن لنڊن ۾ نواز شريف جي خاندانن جون آف شور ڪمپنيون هجڻ جا ثبوت ملڻ تي ان کي سڀ کان پهرين پاڻ فراخدلي سان وزير اعظم جي عهدي تان استيفي ڏيڻ کپندي هئي پر هن ائين نه ڪيو ۽ عدالت ذريعي آف شور ڪمپنين جي معاملي مان نڪرڻ پئي چاهيو پر ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ جاچ دوران ثبوت نه ڏيڻ تي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائڻ سان گڏ کيس نااهل به قرار ڏنو ويو پر عهدي تان لهڻ کان پوءِ اخلاقي طور تي ڏوھ قبول ڪرڻ بدران پاڻ کي بي گناھ قرار ڏيڻ شروع ڪيو، عوامي جلسن ۾ واويلا ڪري اهو ئي چوندو رهيو ته مون کي ڇو هٽايو ويو؟ مون کي ڇو لاٿو ويو ۽ مونکي مليل مينڊيٽ جو احترام ڇو نه ڪيو ويو؟ هاڻي نواز شريف پنهنجي مدد لاءِ ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪندڙ کي معاهدو ياد ڏيارڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ غير مشروط طور تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن. 1999ع ۾ دوست ملڪ وچ ۾ پئي نواز شريف کي پاڻ وٽ گھرايو هو پر هاڻي ساڳيو ملڪ پاڻ ڪرپشن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري رهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪا حالت هن وقت غريب جي آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن جي معاشي حالتن ۾ تبديلي آندي وڃي، مهانگائي جي طوفان کي روڪيو وڃي. بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جيڪڏهن کاتن ۾ نوڪريون نه آهن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي بيروزگاري الائونس ڏنو وڃي. ڇو ته هي به پاڪستان جا شهري آهن ۽ انهن جو به حق آهي. 50 هزار رپيا پگهار کڻندڙ ملازم جي پگهار مان پنج هزار رپيا، هڪ لک رپيا پگهار کڻندڙ ملازم جي پگهار مان 10 هزار رپيا ۽ ٻه لک رپيا پگھار کڻندڙ ملازم جي پگهار مان 20 هزار رپيا ڪٽوتي ڪري بي روزگارن کي وظيفو ڏنو وڃي ۽ پنجن سالن تائين سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ اظافو ڪرڻ بدران نوان بي روزگار ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن عام غريب ۽ بي روزگار پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني ڳڀو کارائڻ جي لائق ٿي سگهي. نواز شريف پاران جاري ڪيل صحت ڪارڊ کي غريبن لاءِ روزگار ڪارڊ ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن غريب انهن پئسن مان روزگار ڪري سگهي. ان جي بدلي غريبن کي علاج جي سهولت ڏيڻ خاطر سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارا آندا وڃن ته عام مسڪين ماڻهو خوش زندگي گذاري سگهي ٿو.