ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪا جون بي اثر بڻجي ويل ڌمڪيون

راهب علي سولنگي
ملڪ آزاد ٿيڻ کان هن وقت تائين اسان جي ملڪ جي هر حڪومت غير ملڪي امداد جو سهارو ورتو آهي.اسان جو ملڪ اڄ تائين پنهنجي پيرن تي بيهي ناهي سگهيو. افسوس اهو به آهي ته ملڪ جي عوام تي ٻاهرين ملڪن جي قرض جو بار گهٽ ٿيڻ جي بجاءِ هر سال وڌي رهيو آهي.قرض ڇو ٿو ورتو وڃي، ڪير ٿو وٺي ۽ اهو استعمال ڪهڙي طرح ٿي رهيو آهي.ٻين ملڪن جي امداد ۽ قرض تي ڀاڙيندي ملڪ جو عوام هڪ آزاد خودمختيار ملڪ ۾ آزاد رهندي به صحيح طرح سان حقيقي آزادي ڄڻ ته حاصل ناهي ڪري سگهيو. تڏهن ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي ذريعي گهڻو ڪجهه وڃائي چڪو آهي. آمريڪا گذريل 15 سالن کان ملندڙ 33 ارب ڊالرن جي جيڪا امداد ڏني آهي، ان کان وڌيڪ پاڪستان کان پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن.آمريڪا پاڪستان جي قربانين بجاءِ تنقيد ڪندي ۽ ڌمڪيون ڏيندي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن کان اقتدار ۾ آيو آهي.ان وقت کان پاڪستان کان علاوه پوري مسلمان ملڪن خلاف زهر اوڳاڇيندو رهيو آهي. ٽرمپ جون پاليسيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن،آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ذهن جو توازن اهو آهي ته هن فلسطين جي شهر بيت المقدس کي اسرائيل جو دارالحڪومت وارو اعلان ڪيو، حقيقت اهائي آهي ته دهشتگردي سان سڀ کان گهڻو پاڪستان کي نقصان ٿيو آهي. ٽرمپ اسلام ۽ مسلمانن کي عالمي دهشتگردي جو سبب سمجهي ٿو ۽ اها سوچ به رکي ٿو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ مسلمانن جي داخلا بند ڪئي وڃي ته ملڪ مڪمل طور محفوظ ٿي سگهي ٿو پر آمريڪي عدالت ۽ عوام ٽرمپ جي اها ڪوشش ناڪام ڪري ڏيکاري. صدر ٽرمپ جو ذهن مسلم مخالف نظريو رکندڙ آهي. اسلام ۽ مسلمانن کي پنهنجو ازلي دشمن سمجهي ٿو. جڏهن ته دنيا جي 37 ملڪن ۾ آمريڪا جي فوج جي مداخلت سبب گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪروڙ ماڻهو ماريا ويا آهن. افغانستان تي حملو ڪري هڪ ملين ماڻهو قتل ڪيا ويا. عراق ۾ عراق جا ماڻهو ماريا ويا، عراق ۽ افعانستان آمريڪا جون 2 اهڙيون جنگون آهن.جنهن ۾ آمريڪا کي قبضا گروپ چئي سگهجي ٿو. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مقصد عرب ملڪن کي تباهه ڪري انهن جي تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.جڏهن ته ڀارت جي وزيراعظم مودي هڪ انتها پسند شخص جيڪو مذهبي دهشتگردي ذريعي اتي جي اقليت کي قتل پيو ڪرائي، اسرائيل يهودين جي ذريعي مسلم حڪمرانن جي خلاف پيو ٿئي.ٽرمپ پاڪستان کي ڌمڪين مٿان ڌمڪيون پيو ڏئي.ڪڏهن امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي پيو ڏيئي ته ڪڏهن ڊرون حملن جي ڌمڪي ٿو ڏئي. آمريڪي صدر ٽرمپ پاڪستان خلاف ايترا سخت لفظ استعمال ڪندي نظر اچي ٿو. جنهن سان پاڪستانين جي دل آزاري ٿي رهي آهي.پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي تاريخ گواهه آهي ته آمريڪا پاڪستان سان هميشه بيوفائي ڪندي نظر اچي رهيو آهي. پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت ايوب خان پنهنجي ڪتاب (فرينڊز ناٽ ماسٽرز) ۾ آمريڪا کي دوکي باز قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي مستقل طور ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. آمر ذاتي اقتدار ۽ آمريڪي ڊالرن جي لالچ ۾ آمريڪا جي بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. جيڪي ملڪي آزادي ۽ خودمختيارکي داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿا. جڏهن ته آمريڪا جي دوستي ۽ دشمني ٻئي خطرناڪ آهن، ڇو ته القاعده ۽ داعش جهڙي دهشتگرد تنظيم آمريڪا ٺاهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان ۾ جنگ هارائي چڪا آهن.آمريڪا عالمي خفت کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي، جيڪو وڏي عرصي کان خود دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهي ٿو، ٽرمپ جي بدنيتي ۽ پاڪستان جي لاءِ نفرت واضح طور تي نظر اچي رهي آهي. پاڪ-آمريڪا لاڳاپا خراب ٿيڻ جو سبب چين ۽ ترڪي سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ به آهن. عالمي لاڳاپن ۽ مفادن کي اهميت ملڻ گهرجي، يقينن هاڻ اسان کي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئڻ، ٽرمپ نه صرف پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي پر گڏوگڏ پاڪستان جي حريف ملڪ کي حد کان وڌيڪ اهميت به ڏئي رهيو آهي ۽ خطي ۾ ان جي ڪردار کي نمايان ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.پر ڀارت جي ان ڪردار کي نظرانداز ڪري رهيو آهي جيڪو هو ڪشمير ۾ نڀائي رهيو آهي.ڀارت ڪشمير تي ظلم پيو ڪري ۽ اسرائيل فلسطين تي ظلم پيو ڪري پر اهو آمريڪا جي صدر ٽرمپ کي نظر نٿو اچي، ٻيو ڪوبه مسئلو ناهي، مسئلو اهو آهي ته آمريڪا کي افغانستان جي جنگ ۾ ناڪامي ملي رهي آهي. جڏهن صدر ٽرمپ سندس اليڪشن ۾ تقريرون ڪندو هو ته چوندو هو، جڏهن صدر ٿيندو ته هو پنهنجي فوج کي واپس گهرائيندو پر جڏهن صدر ٿيو ته هو اهو ڪجهه ڪرڻ کان مجبور رهيو، رهندو افغانستان ۾ کيس فوجين جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻو پيو، هو اتي جي عسڪريت پسندن کي زير ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي، ان م بوکلاهٽ جو شڪار ٿي هو هاڻ ان جي ذميواري زبردستي پاڪستان تي ٿاڦي رهيو آهي. پنهنجي مخالفن ڪارروايون ڪنهن کان ڳجهون نه آهن، هو پاڪستان کي به ائين عدم استحڪام جو شڪار بڻائي سگهي ٿو جيئن ايران ۾ ڪري رهيو آهي، ايران انقلاب کان پوءِ آمريڪا لاءِ نهايت اڻوڻندڙ رهيو آهي، جنهنجو مک سبب اسرائيل آهي.ڇو ته اسرائيل ايران جي تباهي جو خواهش مند آهي ۽ اسرائيل آمريڪا جي وڏي ضرورت آهي.انهيءَ ڪري آمريڪا نٿو چاهي ته ايران جي طرف کان اسرائيل کي ڪو نقصان ٿئي. آمريڪا صرف اسرائيل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هر وقت ان لاءِ سازشون ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ اهو به چاهيندو آهي ته مسلمان ملڪ هڪٻئي جي ويجهو نه رهن ۽ هميشه اها ئي پاليسي رکي آهي ته هو هڪ ٻئي جا مخالف هجن ۽ پنهنجا ملڪي وسيلا برباد ڪندا رهن.آمريڪا هميشه مسلم ملڪن جي اهڙي ويڙه مان ڀرپور فائدو وٺندو رهيو آهي. جڏهن افغانستان ۾ روس خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪئي ته اها کيس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ کيس هڪ وڏي دهشتگرديءَ سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو پر هاڻ آمريڪا کي اهو سڀ ڪجهه ياد ئي ناهي، اهو صلو مليو پاڪستان کي آمريڪا جي مدد ڪرڻ مان ۽ هاڻ هو پاڪستان جي مخالفن کي ويجهو ڪري پاڪستان کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان تي ملڪ جا حڪمران به ان کي خوب جواب ڏئي رهيا آهن، في الحال ته ان جون ڌمڪيون ڪو اثر نه ڏيکاري رهيون آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هو پنهنجي جواب تي ڪمرڪش ٿي بيهن ٿا يا ان کان پوئتي ٿين ٿا.