جمعو 17  آگسٽ 2018ع

اڄ جي سماج جو مفاد پرست فرد

زاهده تاج ابڙو
بندي کي خدا پاڪ جي هر ڪم کي مصلحت سمجهي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ الله جي هر نعمت تي خوش ٿي استعمال ڪرڻ گهرجي پر اهو سڀ هر بندي کان ڪٿي ٿو ٿئي يا ائين چئون ته هر بندو اها مصلحت ۽ نعمت ڪٿي ٿو قبول ڪري، اهي سڀ ڪي پيچيده اسرار ڪونه آهن، جيڪي بندي کي سمجهه ۾ نه اچن، بلڪه اهي سڀ بندن جي ناشڪر گذاري جا اشاره ۽ عمل آهن، جيڪي بنده اختيار ڪن ٿا ۽ پوءِ خساري ۾ ئي رهن ٿا. هڪڙو زمانو هو، جڏهن هر فرد ٻين جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ خوشي ۾ اطمينان محسوس ڪندو هو، تڏهن شايد فرد حسد کان پري هو پر اڄ جڏهن جديد دور آهي ۽ سماج ۾ شعور به وڌيو آهي ته پوءِ شايد حسد جو شعور به عروج تي پهچي ويو آهي، اهو حسد ئي آهي جيڪو اندر جي نيڪ نيتيءَ کي ختم ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو. اڄ جي سماج جو هر فرد ايترو ته مفاد پرست ٿي ويو آهي جو صرف ۽ صرف پنهنجي لاءِ چڱائي ۽ ٻين لاءِ برائي، پنهنجي لاءِ سڪون ۽ ٻين لاءِ بي سڪوني چاهي ٿو پر رڳو ايترو به نه بلڪي ٻين جي بي سڪوني ۽ ٻين جي بي آرامي ۽ تڪليفن جو اونو وڌيڪ ڪري ٿو، هتي هر فرد سوچيندو ته ٻين وٽ دولت ڇو آهي، ٻين جو اولاد ايترو پڙهيل، سڌريل ۽ فرمانبردار ڇو آهي، ٻين جي گهر ۾ ايترو سڪون ڇو آهي، آخر ٻين جي ڳڻتي ڇو ٿي رهي ! پنهنجي سڪون جو خيال ڪجي، پنهنجي اولاد جي سڌرڻ لاءِ اُپاءَ ڪجن، ايتري محنت ۽ جدوجهد ڪجي ته پنهنجي گهر ۾ خوشحالي اچي، ٻين جي ڀلائي سوچبي تڏهن ئي پنهنجي ڀلائي ٿيندي آهي. سماج جا مسئلا ان ڪري وڌي رهيا آهن جو هر فرد لاشعوري طور تي ٻين جي سڪون ۽ خوش رهڻ مان خوفزده آهي. جيڪڏهن اداس آهن ته ٻين جي خوشين جي ڪري آهن، سماج ۾ مسئلا وڌڻ جو سبب ئي اهو آهي جو هڪ فرد ٻئي فرد جي دل آزاري ڪري ٿو. سماج ۾ ٻين جو خيال رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن بي ڌياني ۾ ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ٿي ته معافي وٺڻ گهرجي، معافي وٺڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي، بلڪي انڪساريءَ ۾ ئي عظمت آهي، ڪنهن لاءِ دل ۾ انتقام جو جذبو رکڻ ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه بلڪه ان سان وابسته ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ٿو، ڪنهن جي ذات کي گهٽ ڪرڻ يا تڪليف پهچائڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي، بلڪه اهو انتهائي ادنيٰ عمل آهي، اهو سڀ فرد جي شخصيت کي تمام گهڻو گهٽ ڪري ڪيرائي وجهي ٿو، فرد جيڪڏهن غلط ڪري ٿو ته کيس پنهنجي غلطي مڃڻ گهرجي. اسان کي ان ڳالهه جو کُلي دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان سڀ هڪٻئي جا مسئلا وڌائي رهيا آهيون، فرد جي فرد سان ئي خوشي ۽ رونق ڳنڍيل آهي، ”الله تعاليٰ جي قربت حاصل ڪرڻ جو آسان رستو سندس مخلوق سان محبت ۽ ان جي خدمت ڪرڻ آهي“ پر جيڪڏهن سماج جو هڪ هر فرد ٻئي کان پري ڀڄندو ته پوءِ هيءَ زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل ٿي پوندي. زندگي جون رونقون به ماڻهن سان آهن ته سڪون به ماڻهن سان آهي، ڀلي ڪو ئي رشتو ڪيترو به ويجهو ڇو نه هجي پر جيڪڏهن دلين ۾ محبت، اهميت ۽ عزت ناهي ته پوءِ قريب کان قريب ترين رشتو به پري ٿي وڃي ٿو، جڏهن زندگي خلقيندڙ خدا ئي مهربان آهي ته پوءِ سندس بنده ايترا نامهربان ڇو ٿين ٿا، جو ٻين لاءِ مشڪلات جو سبب ٿين ٿا. اهو قدرت جو اصول آهي ته جيڪو ٻين تي مهربان رهندو قدرت ان مٿان مهربان رهندي. اڄ معاشري ۾ جيڪو ڊپريشن، ٽينشن، يا ذهني پريشانيون وڌي رهيون آهن ته ان جو وڏو سبب پڻ اهو ئي آهي ته هر فرد ٻئي جي آرام ۽ آسائش جو خيال رکڻ ڇڏي ڏنو آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته ”ماڻهو ئي ماڻهوءَ جي دوا آهي“ اهڙي طرح ماڻهو ئي ماڻهو جي بيماري نه ٿئي ته بهتر آهي، جڏهن دلين مان محبت ۽ عزت گهٽجي وڃي ٿي، تڏهن فردن جون دليون ڪٽر ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن انبياءِ الله وارن جي زندگين تي نظر وجهون ٿا ته اها ڳالهه سامهون اچي بيهي ٿي ته تمام اولياءَ الله پنهنجي دلين ۾ ماڻهن خلاف ڪو ڪٽر نه رکيو، بلڪي خدمت خلق کي ئي پنهنجي عادت بڻايو. سندن اندر ۾ خدمت خلق جي خدمت جو سچو جذبو هو، سندن نيتن ۾ ماڻهن لاءِ سچائي، محبت ۽ مخلصاڻا جذبه هئا پر اڄ ته هر شخصت پنهنجي اردگرد جي ماحول کي پريشان ڪندو رهي ٿو، اها سراسر منافقي چئبي، هر شخص وٽ سڀ ڪجهه آهي پر پوءِ به کين فڪر آهي ته ٻين وٽ ڇو آهي؟ پنهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ کين ٻين جي معيار زندگي بلند ٿيڻ جي ڳڻتي آهي. هر فرد ٻين کي پريشان ڪرڻ جي ڪري ئي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿئي ٿو، بي اطمينانيءَ جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار ٿئي ٿو، جيئن ڪنهن مشين جي Inner condition صحيح هوندي آهي ته مشين خراب نه ٿيندي آهي، تهڙي طرح ئي ضمير مطمئن رهي ته هو ڪڏهن به ٻين جي لاءِ مشڪلات ۽ تڪليف جو باعث نه بڻبو، جيڪڏهن سماج جو هر فرد پنهنجي نيڪين ۽ چڱائين کي وڻ جي شاخن جيان پکيڙڻ شروع ڪري ته شايد ان وڻ جي ڇانوَ وسيع ۽ وڏي پُراثر ٿيندي.