آچر 18 نومبر 2018ء

بلهي شاهه جي ڌرتيءَ تي ٿيل ظلم جي انتها

سرمد اياز
زينب! توکي ڏسي مون کي پنهنجي ڌيءُ ياد اچي ٿي، جيڪا تنهنجي عمر جي ئي آهي، بلڪل تو جهڙي آهي، معصوم ۽ سچي. فريب ۽ انسان جي درنده صفت هجڻ کان بلڪل بي خبر، مان شام جو گهر موٽندو آهيان ته ڊوڙندي ايندي آهي ۽ منهنجي جهوليءَ ۾ سمائجي ويندي آهي، ننڍڙن هٿڙن سان منهنجو منهن وٺي پيار ڪندي آهي ۽ سڄي ڏينهن جو داستان انهيءَ وقت ٻُڌائڻ چاهيندي آهي، هوءَ ته اهو به نه ٿي ڄاڻي ته ان جو بابو ٿڪل آهي، آرام ڪرڻ چاهي ٿو، هُوءَ جهوليءَ مان لهندي ئي ناهي ۽ مون کي ان جو ننڍيون ننڍيون فرمائشون ٻُڌڻ کانپوءِ وعدا ڪرڻا پون ٿا ته اُنهن کي پورو ڪندس. زينب! تون به ائين ئي ڪندي هئين نه؟ پر مون کي معلوم ٿيو ته ڪجهه ڏينهن کان تون پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي هجڻ کان محروم هئين. انهن سان ڀاڪر پائي پنهنجي ڪا فرمائش پوري ڪرائي سگهين. تو فرمائشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا هئا ۽ انهن جي واپسيءَ جي منتظر هئين. مون کي معلوم آهي ته تو ڪيڏيون ڳالهيون جمع ڪري رکيون هونديون. اسڪول جون، دوستن جي باري ۾، هيڏانهن هوڏانهن جون ۽ تون يقينن ان گفٽ جي به منتظر هئين، جنهن جو واعدو تو پنهنجي والدين کان ورتو هو. مان اهو سڀ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي به ته هڪ ڌيءُ آهي، جيڪا تو جهڙي آهي، پر هاڻي تون هن دنيا ۾ ناهين رهين. تنهنجا مائٽ اُن وقت به توکان پري هئا، تمام پري، جڏهن درندو تنهنجي وجود کي نچوڙي رهيو هو ۽ زينب! ڇا عجب آهي ته جڏهن هُو سفاڪ تنهنجي زندگي کسي رهيو هو ته تنهنجي بابي ۽ امڙ جي چپن تي دعا هجي ته ”يا الله اسان جي ڌيءُ کي صحت ڏي، ان کي ڊگهي عمر عطا ڪر، پنهنجي حفاظت ۾ رکجانس.“ پر منهنجي ڌيءَ، منهنجي پياري ڌيءَ، قدرت جو رنگ نرالو آهي، ان جو انداز الڳ آهي. ها، هر دعا قبول ناهي ٿيندي. قدرت امتحان وٺي ٿي زينب! تون صحيح چوندي هئين. تنهنجو بابو واقعي ”سپر هيرو“ آهي، پر هُو هتي هيو نه. نه ته هُو ڪڏهن توکي پاڻ کان الڳ ٿيڻ نه ڏئي ها. ها، امان جو وجود راحت ۽ سڀ کان وڏي ڍال هوندو آهي، پر ٻُڌ ان ڏينهن اُها به توکان پري هئي. تنهنجا آواز، منٿون، رڙيون ڪير به نه پئي ٻُڌي سگهيو، توکي بچائڻ ڪير به نه آيو. توکي ڪچري جي ڍير تي بي حس ۽ بي حرڪت ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا زينب، منهنجون اکيون پٿر ٿي ويون، جذبن ۽ احساسن جي اظهار جي ڪا شڪل سمجهه ۾ نه آئي. ڪاش! مان تنهنجو آواز ٻُڌان ها. ڪاش مان ڪٿان کان توکي ڏسي وٺان ها ۽ ان بگهڙ کان بچائي وٺان ها، هاڻي ته مان بس اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ڇا غضب ٿيندو جو آسمان اسان تي ٽٽي پوي، جبل اسان تي ڪرن ۽ اسان سڀ انهن جي بار هيٺ چيڀاٽجي وڃون. زينب جي صورت ۾ رب پنهنجي رحمت زمين تي اماڻي هئي، جنهن جي حفاظت اسان نه ڪري سگهياسين، هي نظام، ملڪ جا منتظم، آئين ۽ قانون جا رکوالا، فڪر ۽ دانش جا دائي سڀ جا سڀ نوحا پيا چَون، ماتم ڪري رهيا آهن پر ڇا ان کان اڳ ڪا زينب حوس ۽ سفاڪيءَ جو نشانو نه ٿي هئي؟ ڇا ان کان اڳ ڪنهن گل کي بي رحميءَ سان ڇنو نه ويو هو، ڇا اُهي واقعا جيڪي ان کان اڳ ٿيا، اسان کي جنجهوڙڻ لاءِ ناڪافي هئا؟ قصور جي زينب ئي نه پر سڄي سال ۾ هن شهر ۽ ڀرپاسي ۾ 10 معصومن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائي انهن کي زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو آهي، ان شهر ۾ آئين ۽ قانون به آهي، پوليس به آهي ۽ ٻيا ادارا به، پر شايد سڀ بي وس آهن يا وري بي حسي جي چادر ويڙهي ڇڏي اٿن. اسان ڪيسيتائين روئنداسين، هي ماتم ڪيسيتائين؟ ڪڏهن تهمينه، ڪٿي ڪائنات ته ڪڏهن ڪو ٻيو ٻار. قصور جو جنسي وڊيو اسڪينڊل اسان جي اجتماعي احساس کي هن مهل تائين چيڀاٽي رهيو آهي ۽ اسان بي وسيءَ جي تصوير بڻجي بيٺا آهيون. پوليس جون ڀرتيون ۽ عدالتي ڪارروائيون، ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن جي واويلا ڪجهه به ته ڪم نه آئي. ڇا هاڻي اسان انڪري رهجي ويا آهيون ته اول پنهنجن ٻارن جو نچوڙيل وجود ۽ ڪچليل جسم کڻي مڻ مٽيءَ هيٺان ڇڏي اچون ۽ پوءِ حڪمرانن طرفان همدرديءَ جا ٻه ٻول وصول ڪريون. ڇا اهو ئي انصاف آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪيسيتائين اسان اهو سڀ برداشت ڪندا رهنداسين ۽ ڪيسيتائين اسان جا معصوم گل زندگيءَ جي هنن خوبصورت گهڙين کي اهڙي طرح خوف جي پاڇي ۾ گذاريندا رهندا. پر وري سوچيان ٿو ته اسان جهڙا ماڻهو ڪري به ڇا ٿا سگهن؟ هي سڀ عزتون، عظمتون ۽ جان ۽ مال جو تحفظ ته وڏن ماڻهن لاءِ آهي. اسان جي ذميواري صرف اها آهي ته ائين ئي خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان گوڙ ڪيو ته ان سان اونچي ذات ۽ اسان جي مستقبل جو فيصلو ڪندڙ حڪمرانن جي ناراضگي جو خدشو آهي. تنهنڪري منهنجي پياري زينب! مان هن ڀيري به خاموشيءَ سان توسان ٿيندڙ ظلم جو ماتم به ڪري رهيو آهيان ۽ هن نظام ۽ انصاف جي عمل تي ڳوڙها به ڳاڙي رهيو آهيان، جنهن تو ۽ ٻين تو جهڙن کوڙ گلن کي اسان کان سدائين لاءِ کسي ورتو. گڏوگڏ اها به دعا ڪري رهيو آهيان ته تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجي ماءُ تنهنجي وڃڻ جي ڏُک کي برداشت ڪري سگهندا. پر سچي ڳالهه هيءَ آهي ته مان ڄاڻان ٿو ته شايد ائين ممڪن نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته مان به ته هڪ ڌيءَ جو پيءُ آهيان! مان پنهنجي شعور تي دستڪ ڏيان ٿو ته مون ريپ نالي ظلم جو نالو ڪڏهن ٻُڌو هو ۽ اهڙي ڪنهن شيءِ کي ڪڏهن پڙهيو هو ته مون کي مختاران مائي ياد اچي ٿي. مون هاڻي گوگل مان ان مقدمي جو احوال نه ڄاڻڻ چاهيو. منهنجي يادداشت ۽ فهم مطابق ان مقدمي جي ڏوهارين کي سزا نه ملي هئي.اهڙا ته کوڙ واقعا آهن. منهنجي عمر 30 سال کان وڌيڪ آهي. گذريل 20 سالن جي اخباري مطالعي ۽ 15 سالن جي خبرن کي ٻُڌڻ جي محنت کانپوءِ مان معذرت چاهيان ٿو ته مان هڪ اهڙو ڍيٽ ۽ تعصبي ماڻهو ٿي ويو آهيان جو مون کي ظلم جي واقعن تي انصاف ملي ويندو هڪ به واقعو ياد نه ٿو اچي. مون کي اڄ به صرف ڏوهه، ظلم ۽ ڏُک ياد اچي رهيا آهن. زينب لاءِ انصاف؟ ڪيئن انصاف ۽ ڪهڙو انصاف؟ ان جي چپن تان نڪتل ”اڙي امان“ جي آخري رڙ يا ان جي نڙيءَ ۾ دٻجي ويل سسڪيون يا ان جي اک ۾ پٿر ٿيل سوال (جيڪو نه ڄاڻ ڪنهن هستي کان ڪيو ويو هو) جو تدارڪ ڪري سگهي ٿو؟ يا اهڙو ڪهڙو انصاف آهي، جيڪو ان جي ماءُ پيءُ کي صرف هڪ ڀيرو معصوم لهجي ۽ هلڪي آواز ۾ ”امان بابا“ جو آخري آواز ٻُڌائي سگهي ٿو. ڪڙي، پر حقيقت اها ئي آهي ته نه اهو سڀ ڪجهه پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ نه ئي آخري ڀيرو. مان هن معاشري تي ملامت ڪرڻ به مناسب نه ٿو سمجهان. مان ته صرف پنهنجن ڪجهه دوستن سان مخاطب آهيان جيڪي مون وانگر زندگي جي هن دوزخ ۾ ڌڪيا ويا آهن. ڳلي لڳو يارو. مون کي توهان کي هڪ ڀيرو وري آٿت ڏيڻي آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي ته پري ويراني ۾ نڪري جيترو ڊگهي رڙ ڪري سگهو ٿا ته ڪيو. جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته واش روم وڃو ۽ تمام گهڻو رئو ۽ منهن ڌوئي نون زخمن جي اميد ۾ ٻاهر هليا اچو. سچ ٻُڌايان توهان سڀ ياد اچو ٿا.