ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

مسيحائن جي روپ ۾ موت جا سوداگر

ايڊيٽوريل
جمهوري ملڪن ۾ عوام جي بنيادي سهولتن جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، دنيا جا جيڪي به سڌريل ملڪ آهن، اتي ته عام ماڻهوءَ کي به زندگي جي هر سهولت ميسر آهي پر اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۽ معاشرن ۾ ان جي ابتڙ عوام جا حق عضب ڪيا وڃن ٿا، تعليم ۽ صحت اهي ٻه شعبا آهن، جيڪي هر انسان جي زندگيءَ سان تمام ويجهو ۽ اهم تعلق رکن ٿا، جيڪڏهن تعليم ۽ صحت جو بنيادي حق ملي وڃي ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ پاڻمرادو خوشحاليءَ جو انقلاب اچي سگهي ٿو، بهتر تعليم سان ئي سماج کي شعوري ترقي ڏياري سگهجي ٿي ۽ بهتر علاج جي سهولتن جي فراهمي سان وري صحتمند معاشري جا مضبوط بنياد رکي سگهجن ٿا پر افسوس آهي جو اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم ۽ صحت عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿي چڪي آهي، اڄ جي دور ۾ جتي دنيا اندر تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون مفت فراهم ڪيون وڃن ٿيون، اهي هتي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻايون ويون آهن، تعليم ۽ صحت جون سهولتون گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ اهي به خالص بجاءِ ملاوٽ واريون، سنڌ ۾ ته خاص ڪري عطائي ڊاڪٽرن جو آزار تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ان حوالي سان 10 جنوريءَ جي ”سوڀ“ اخبار ۾ جروار شهر کان انتهائي افسوسناڪ خبر رپورٽ ٿيل هئي ته ”جروار جي ڳوٺ سبڙ بوزدار جي رهواسي چئن سالن جي ٻارڙي ڪاشف بوزدار کي علاج لاءِ وارث مقامي خانگي ڪلينڪ تي کڻي آيا، جتي عطائي ڊاڪٽر تيز بخار ۾ ٻارڙي کي انجيڪشن هنئي ته ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جنهن بعد عطائي ڊاڪٽر اسپتال بند ڪري فرار ٿي ويو، وارثن پاران عطائي ڊاڪٽر خلاف جروار ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاج ڪندي وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن پوليس عطائي ڊاڪٽر خلاف اين سي داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي“. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اڪثر ڪري اهڙا واقعا عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري ئي پيش اچن ٿا، جن ۾ نه رڳو معصوم گلاب ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي وڃن ٿا، بلڪي وڏا توڙي ننڍا به موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا، عطائي ڊاڪٽرن جو آزار ڪو اڄڪلهه جو ناهي، اهو آزار تمام پراڻو آهي، اهي عطائي ڊاڪٽر مسيحائن جي روپ ۾ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ موت جا سوداگر بڻيل آهي، جيڪي چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي انسانن جي زندگين سان کيڏن ٿا، جن کي صحت کاتي ۾ ويٺل ڪرپٽ ماڻهن جو ئي آشيرواد حاصل آهي، انهن جي ئي سهڪار سان اهي عطائي ڊاڪٽر شفا خانن جي نالن ۾ موت خانه کولي ويٺل آهن، جتي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي جاني توڙي مالي طور تي نقصان رسايو وڃي ٿو، تازو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پڻ صحت جي حوالي سان اهم نوٽيس ورتو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر پنهنجون خانگي اسپتالون ۽ ڪلينڪون بند ڪن، اهي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽيون ڪن، ان عدالتي فيصلي جي روشنيءَ ۾ سنڌ حڪومت پڻ اهم فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي انهيءَ حڪم تي نه رڳو عملدرآمد ڪرايو ويندو، بلڪي سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو، جنهن سان اها اميد جاڳي پئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هاڻ اهڙن موت جي سوداگرن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزائون ڏياريون وينديون ۽ مسڪين ماڻهن جي زندگين جو تحفظ ڪيو ويندو، اسان سمجهون ٿا ته جروار ۾ معصوم ٻارڙي جي موت جا اصل ذميوار صحت کاتي جا اهي ڪرپٽ عملدار آهن، جيڪي اهڙن عطائي ڊاڪٽرن کي سرعام خانگي اسپتالون کولڻ ۽ انسانن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت ڏين ٿا، ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ ڪيل پنهنجي فيصلي مطابق سڄي سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ صحت کاتي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف به ايڪشن عمل ۾ آندو وڃي، يقينن اهڙا قدم کڻڻ سان ئي نه رڳو عطائي ڊاڪٽرن جي آزار مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي پر مسڪين ماڻهن جون زندگيون به بچائي سگهجن ٿيون.