اربع 23 مئي 2018ع

وسيلن جي کوٽ باوجود اسان صوبي جي عوام جي خدمت جو سفر جاري رکيو آهي: مراد علي شاهه

ويب ڊيسڪ: سيوهڻ: تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وسيلن جي کوٽ باوجود اسان صوبي جي عوام جي خدمت جو سفر جاري رکيو آهي ۽ مان چيئرمين صاحب سان واعدو ڪيان ٿو ته کيس مايوس نه ڪندس _ هن چيو ته ماضي ۾ ستر ستر ڪلو ميٽر تائين اسپتالون موجود آهن جتي ماهر ڊاڪٽر پنهنجي محنت ۽ سچائي سان ماڻهن جو علاج ڪري رهيا آهن_ هن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان واعدو ڪندي چيو ته توهان جي هدايت تي عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪندي جلد ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون _ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ حڪومت بڻائيندي _ ان موقعي تي ساڻس صوبائي وزير اطلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ليبر سيد ناصر حسين شاهه صوبائي وزير صحت سڪندر منڌرو ،خاص معاون براءِ اوقاف غلام شاهه جيلاني ، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ، ايم پي اي گيانچند ايسراڻي،ناليوارو اينڪرپرسن حامد مير ، وسيم بادامي ،نذير لغاري ، مجاهد بريلوي ۽ ٻيا به موجود هئا _ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار شريف تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي _ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سيوهڻ ڌماڪي جي واقعي بابت آهي ۽ بحالي جي ڪمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.