جمعو 17  آگسٽ 2018ع

سپريم ڪورٽ شاهه زيب قتل ڪيس ۾ سول سوسائٽي جي اپيلن تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شاه زيب قتل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سول سوسائٽي جي اپيلن تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي. ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ اڄ ڪندي. سول سوسائٽي پاران درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته شاه رخ جتوئي جهڙن جوابدارن کي عدالت آزاد ڪندي ته سماج ۾ سنگين نتيجا سامهون ايندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه ڪندا. جڏهن ته ملڪ پيڪ کير جي پيڪنگ ۽ وڪرو، صاف پاڻي ڏيڻ ۽ ماحوليا تي آلودگي، وي آءِ پي موومنيٽ ۽ ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن جي حوالي سان پڻ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي .