آچر 27 مئي 2018ع

حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين جو قصور ۾ معصوم نياڻي زينب واقعي خلاف احتجاج

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين پاران قصور ۾ معصوم نياڻي زينب واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان موقعي تي سماجي تنظيم پرهه ترقياتي تنظيم، حيدرآباد سماجي اتحاد، پ پ ورڪرز پارٽي سميت ٻين ڌرين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين قصور جي معصوم مقتولا نياڻي زينب جي تصوير آڏو ميڻ بتيون روشن ۽ گلن جي ورکا ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن نعيم نوراني، رحمت الله سولنگي ۽ ٻين چيو ته بابا بلهي شاهه جي ڌرتي تي بگهڙن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، جتي معصوم نياڻين سان ناحق ظلم ٿئي پيو، هنن چيو ته هن واقعي سان پوري انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آهي، هنن چيو هن زينب واقعي کان اڳ به قصور ۾ بي قصور ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ سميت قتل ڪرڻ جهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن پر افسوس جو پنجاب حڪومت ڏوهارين خلاف ڪو به سخت ايڪشن عمل ۾ نه آندو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زينب واقعي ۾ ملوث درندن کي سرعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.