جمعو 17  آگسٽ 2018ع

بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذن جي وصوليءَ جو سلسلو جاري

ويب ڊيسڪ: ڪوئيٽا: بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، قائد ايوان لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصوليءَ جو سلسلو جاري آهي. بلوچستان اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ جاري ڪيل شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. هفتي جو صبح 10 وڳي گهرايل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي. اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جان محمد جمالي کيس تجويز جڏهن ته سرفراز بگٽي تصديق ڪيو.