جمعو 17  آگسٽ 2018ع

گڏيل عرب امارتن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سوني منڊي جي نمائش جاري

ويب ڊيسڪ: دبئي: گڏيل عرب امارتن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سوني منڊي جي نمائش جاري آهي، شارجا جي صحاري مرڪز طرفان پيش ڪيل منڊي جي قيمت تقريبن 30 لک آمريڪي ڊالر آهي. عربي اخبار موجب 21 قيراط سان تيار ڪيل خالص سون جي منڊي نجما طيبه 64 ڪلو گرام وزني آهي ان تي 5.1 ڪلوگرام قيمتي پٿرن کان علاوه 615 ڪرسٽل اسٽون به لڳايا ويا آهن. اها منڊي دبئي ۾ طيبه ڪمپني جي ملڪيت آهي ۽ ان کي روسيلا جيولرز طرفان نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.