جمعو 17  آگسٽ 2018ع

بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه هلندڙ سال شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا

ويب ڊيسڪ: ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه هلندڙ سال جون يا جولاءِ مهيني ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا. سلور اسڪرين تي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي جوڙي شهريت جي بلندين تي پهچي چڪي آهي ۽ جوڙي ڪيتريون ئي بلاڪ بسٽر فلميون ڏنيون آهن جنهن ۾ ”رام ليلا“، ”باجي رائو مستاني“ ۽ ”پدماوت“ شامل آهن. ٻنهي اداڪارن وچ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان قرب جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪيترين ئي اهم تقريبن سميت عالمي پروگرامن ۾ به کين گڏ ڏٺو ويو ، پر ٻنهي پنهنجن لاڳاپن بابت سان اڄ تائين خاموشي اختيار ڪئي. رنوير سنگهه پڊوڪون فيملي سان به ملي چڪو آهي جنهن بعد ٻنهي جي منڱڻيءَ جي خبرون سامهون آيون هيون جنهن کان پوءِ رنوير جي گهروارن طرفان ڊمپل گرل لاءِ ساڙهي جي تحفي اهڙين خبرن ۾ وڌيڪ ساهه ڦوڪي ڇڏيو هيو. پر هاڻ هڪ نئين ڇرڪائيندڙ خبر سامهو آئي آهي ته سلور اسڪرين جي ڪامياب جوڙي جلدي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪن هلندڙ سال جون يا جولاءِ مهيني ۾ شادي ڪندا ۽ ان حوالي سان ٻنهي جي گهروارن تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽ موجب شادي کانپوءِ ممبئي ۽ بينگلور ۾ استقبال ٿيندا جنهن ۾ ٻنهي اداڪارن جا دوست ۽ خاندان شريڪ ٿيندا.