ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر لاٿ جو شڪار ٿي وئي

ويب ڊيسڪ: نيويارڪ: آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر لاٿ جو شڪار ٿي وئي. آمريڪي ميديا رپورٽ مطابق جمعي ڏينهن آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊائو جونز انڊيڪس ۾ 4.2 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊائو جونز انڊيڪس هڪ هزار پوائنٽن جي کوٽ بعد بند ٿيو. نيسڊيڪ انڊيڪس 3.9 سيڪڙو گهٽتائي جو شڪار رهي، جڏهن ته ايس اينڊ پي انڊيڪس ۾ 3.8 سيڪڙو گراوٽ ڏٺيوئي. مارڪيٽ ۾ لاٿ جو سبب وياج شرح ۾ اضافو آهي.