اربع 23 مئي 2018ع

سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ليگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ويب ڊيسڪ: ڪولمبو: سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ليگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بورڊ جي صدر ٿالنگا پالا چيو ته هو ليگ جي انعقاد جي حوالي سان منصوبابندي ڪري رهيو آهي. هلندڙ سال جي آخر ۾ سريلنڪا پريميئر ليگ جو انعقاد ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته ان کان پهريان سريلنڪا ٽي 20 ليگ ڪرپشن جي نذر ٿي وئي هئي.