اربع 23 مئي 2018ع

ٻئي گدرا مُٺ ۾

جاويد راڄپر
نواز شريف سپريم ڪورٽ طرفان نااهلي ۽ وزارت عظمى تان هٽجڻ باوجود ڪيسن مان آجو نه ٿي سگهيوآهي، نه ئي وري سندس عدليا مٿان تنقيد ۾ ڪا ٿڌائي نظر اچي ٿي. تازو سندس جماعت جي ٻن اڳواڻن کي پڻ عدالت طرفان نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ کين عدالت ۾ گهرايو ويو. تازو پنجاب جي شهر جڙانوالا، ڪشمير جي مظفرآباد ۽ پشاور ۾ ٿيل جلسن ۾ نواز شريف اڳ کان وڌيڪ تکي ٻولي استعمال ڪندي عدليا مخالف بيان ڏنا ۽ چيائين ”عوام ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن عوام جو فيصلو ايندو اهو ئي حتمي فيصلو هوندو“ ۽ هاڻي هُو چوي ٿو ته ”سندس نااهلي پنجن سالن لاءِ آهي يا سڄي عمر لاءِ؟“ بهرحال جيئن جيئن اليڪشن جو وقت ويجهو ايندو پيو وڃي تيئن تيئن نواز شريف ۽ ان جي ويجهن ساٿين طرفان عدليا مخالف بيانن ۾ مرحليوار وڌيڪ تکائي ايندي پئي وڃي. شريف اينڊ ڪمپني جي سخت بيانن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هڪ سيمينار کي خطاب دوران چوڻو پيو ته ملڪي عدليا تي ڪنهن به فيصلي لاءِ ڪو دٻاءُ نه آهي نه ئي اُها ڪنهن رٿا جو حصو آهي. جيتريقدر جمهوريت، ووٽ جي تقدس ۽ چونڊيل وزيراعظم کي پنجن ڄڻن طرفان هٽائڻ جو تعلق آهي ته پاڪستان ۾ جنهن قسم جي ”جمهوريت“ ۽ ”مينڊيٽ“ جو راڳ شريف اينڊ ڪمپني آلاپي رهي آهي اِهو جيڪڏهن جمهوريت جي ڪنهن قسم ۾ فٽ ٿئي ٿو ته اُن کي شخصي يا خانداني جمهوريت ته چئي سگهجي ٿو پر اُها عوامي جمهوريت ڪنهن به صورت ۾ ناهي. اهو ڪيئن؟ ميان نواز شريف صاحب عدالتي فيصلي اچڻ کانپوءِ ان کي ”قبول“ ڪندي عوام جي عدالت ۾ کڻي ويو ۽ ان لاءِ هن اسلام آباد کان جي ٽي روڊ رستي لاهور تائين سفر به ڪيو. انهيءَ مارچ دوران چيو ويو ته ”چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي“ ها بلڪل اصولي طور تي ڳالهه درست آهي پر ڇا اهي ڳالهيون سچ پچ جمهوري اصولن خاطر ڪيون پيون وڃن يا شخصي/خانداني مفادن خاطر؟ اصولي طور تي جيڪڏهن نواز شريف کي هڪ وزيراعظم جي هٽجڻ تي ايڏو ڏک ٿيو هجي ها ته کيس اهو گوڙ ۽ احتجاج تڏهن ڪرڻ کپندو هو جڏهن پهريون ڀيرو بينظير ڀٽو کي اقتدار تان هٽايو ويو. هلو کيس تڏهن سمجهه ۾ نه آيو هوندو ته ڀلا ٻيون ڀيرو جڏهن بينظير ڀٽو کي هٽايو ويو تڏهن ڀلا کيس اعتراض ڪرڻ کپندو هو پر نه هُن تڏهن به ائين نه ڪيو. وري جڏهن يوسف رضا گيلاني کي عدالت طرفان آرٽيڪل 63 تحت گهر ڀيڙو ڪيو ويو تڏهن به کيس ان آرٽيڪل ۾ ڪا خرابي محسوس نه ٿي. ۽ الٽو هي پاڻ عدالتن جا چڪر لڳائيندو رهيو ته گيلاني کي هٽايو. مطلب ته هاڻي جڏهن کيس هٽايو ويو ته تڏهن وزيراعظم جنهن کي عوام ووٽن سان چونڊيندو آهي ان جي مينڊيٽ کسجڻ جو ڏک ورائي ويو آهي. ڇا نواز شريف کان اڳ آيل ۽ برطرف ڪيل وزيراعظمن کي عوام ووٽ نه ڏنو هو؟ ته پوءِ اهو عوام جي ووٽ ۽ مينڊيٽ تي ڌاڙي جي ڳالهين پٺيان اصل مسئلو خانداني مفادن جو آهي. جيتريقدر عوام جي مينڊيٽ جو تعلق آهي ته عوام توهان کي مينڊيٽ انڪري ڏنو ته توهان بجلي بحران، بيروزگاري، بدامني ۽ ڪرپشن ختم ڪندا ۽ ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندا. عوام ان لاءِ مينڊيٽ نه ڏنو هو ته توهان پاناما ۽ اقاما رکندا وتو. ڇا عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي توهان بجلي جو بحران ختم ڪري ڇڏيو؟ ڇا عوام توهان کي مينڊيٽ ان لاءِ ڏنو هو ته ملڪ مٿان قرض ايترو چاڙهي ڇڏيو جيترو پاڪستان جي سموري تاريخ کان وڌيڪ هجي؟ توهان چيو هو ته آمر مشرف کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. ڇا ان تي عمل ٿيو؟ توهان پارليامينٽ جي تقدس جي ڳالهه ڪريو ٿا پر ڇا توهان پاڻ ان کي اهميت ڏني، توهان پاڻ سال ۾ هڪ ڀيرو به سينيٽ ۾ وڃڻ جي تڪليف ڪئي، ڪابينا جا اجلاس سڏايا، عوام دوست قانونسازي ڪئي؟ ڇا عوام توهان کي خانداني ڪاروبار کي وڌائڻ ۽ ان جي تحفظ لاءِ سمورو وقت خرچ ڪرڻ لاءِ مينڊيٽ ڏنو هو؟ ڇا هڪڙو ڀيرو مينڊيٽ ملڻ کانپوءِ سمورا قانون، سموريون ترجيحون ۽ سموريون ڪوششون صرف ئي صرف خانداني ملڪيتن جي تحفظ لاءِ؟ مڃون ٿا ته آئين جو آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو هڪ آمر طرفان آئين ۾ شامل ڪيو ويو هو جنهن کي عوام طرفان ان قسم جو ڪوبه مينڊيٽ مليل نه هو. جنرل ضياءُ الحق هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي آمريت مڙهي ڇڏي هئي ۽ آمريت مڙهڻ لاءِ کيس عوام ووٽ ڪو نه ڏنو هو تنهنڪري هڪ آمر طرفان آئين ۾ ڪيل ترميمون قبولڻ جوڳيون نه ٿيون ٿي سگهن. پر ميان نواز شريف جو انهن ئي شقن بابت هاڻوڪو موقف سدائين کان اهو ئي رهيو آهي يا سندس موقف جو جنم عدالتي فيصلي کانپوءِ ٿيو آهي؟ مطلب ته جيڪڏهن اهو ئي قانون ڪنهن به ٻئي ماڻهو خلاف استعمال ٿئي ها ته ٺيڪ! پر جيڪڏهن توهان جي ذات تي لاڳو ٿئي ته پوءِ غلط!!؟ خود نواز شريف کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ جو ڪم ساڳئي آمر ئي ڪيو هو. ان کانپوءِ ميان نواز شريف ٽي ڀيرا اقتدار ماڻيو پر ڇا هُن پنهنجن ٽنهي دورن ۾ انهن شقن تي اعتراض واريو؟ نه بلڪل ماٺ رهيو. ايتريقدر جو جڏهن پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم ۾ انهن شقن کي تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي تڏهن به ميان نواز شريف ترميمن خلاف شديد اعتراض ڪيو هو. پر هاڻي اوچتو قانون ۽ جمهوريت جو سوال پيدا ٿي پيو ۽ آئين ۾ ترميم جي ضرورت به پئجي وئي ڇاڪاڻ ته توهان جي ذات کي نقصان ٿيو آهي!! اسان جي جمهوريت جو الميو اهو ئي آهي ته جڏهن توهان حڪومت ۾ هوندا آهيو تڏهن آئين جي تشريح ٻي هوندي آهي ۽ جڏهن توهان برطرف ڪيا وڃو يا حزب اختلاف ۾ هوندا آهيو تڏهن آئين جي تشريح بدلجي ويندي آهي. تنهنڪري ان قانون جي حڪمراني نه پر خاندان جي حڪمراني سڏڻ گهرجي. جيتريقدر عدليا مٿان تنقيد جو تعلق آهي ته اُها واجب ٿي سگهي ٿي پر نواز شريف کي سونهي نه ٿي. نواز شريف جي وزارت عظمى واري پهرئين دور ۾ جڏهن تڏهوڪي صدر سان اختيارين جي معاملي تي اختلاف وڌي ويا تڏهن صدر غلام اسحاق خان (58 ٽو بي تحت) سندس حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو هو پوءِ اهو ئي نواز شريف ڊوڙي سپريم ڪورٽ پهتو هو. سپريم ڪورٽ صدارتي حڪم کي غيرآئيني قرار ڏيندي سندس حڪومت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. بعد ۾ سندس ٻئين دور ۾ وري جڏهن عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو ته اهو ئي ميان نواز شريف هو جنهن جي جماعت سپريم ڪورٽ تي ڪاهه ڪئي هئي. اها ئي عدالت سڳوري هئي جنهن جنرل مشرف جي حڪومتي دور دوران ميان نواز شريف کي جلاوطني ڇڏي ملڪ واپس اچڻ جي گنجائش پيدا ڪري ڏني هئي. 23 آگسٽ 2007 تي عدالت فيصلو ڏنو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀاءُ شهباز شريف ملڪ واپس اچي سگهن ٿا. ان کانپوءِ اها ئي عدالت هئي جيڪا مشرف خلاف بيهي رهي ۽ نواز شريف ان کي بنياد بڻائي مشرف خلاف ويڙهه ڪئي ۽ جج بحال ڪرايا جن کيس ايندڙ چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ کيس اهل قرار ڏنو. ڇا اهو ٻٽو معيار ناهي ته جڏهن عدالت توهان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ته ڀلو ۽ جيڪڏهن توهان جي خلاف ڏئي ته عدالت تي سوال اٿارجن. مطلب ته عدليا ۽ قانون جي حڪمراني جو محور فقط توهان جي ذات ۽ خانداني مفاد آهن، جمهوريت ۽ عوام جو اُنهن سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي. ٻيو سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته کين هلڻ ڪير نه ٿو ڏئي؟ جن ماڻهن ڏانهن به سندس اشارو آهي اُنهن مان ڪهڙا آهن جيڪي هِن پاڻ نه چونڊيا؟ مثال طور ٻين سينيئر جنرلن کي پاسيرو ڪندي جنرل پرويز مشرف کي مقرر ڪنهن ڪيو؟ جنرل راحيل شريف کي توهان مقرر ڪيو ۽ توهان ئي چيو هو ته هي عظيم جنرل آهي. ان کانپوءِ موجود آرمي چيف به توهان ئي مقرر ڪيو هو. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ميان نواز شريف جي ڪابينا ۾ کوڙ ماڻهو (مثال طور دانيال عزيز، ماروي ميمڻ وغيره) مشرف جا ئي رهيا آهن. ائين ئي پاناما مقدمي کي عدالت ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ توهان کي ڪنهن چيو هو؟ توهان پاڻ کڻي ويا هئا. جي آءِ ٽي ٺاهڻ کي ڀليڪار ڪنهن ڪيو؟ توهان ڪيو. اهي فيصلا توهان جا پنهنجا آهن انهن لاءِ ٻين تي الزام هڻڻ جو ڪو فائدو ناهي. اصل م سندس تازا جلسا ايندڙ چونڊن جي تياري آهن. يعني نواز ليگ هڪ ئي وقت وفاق ۽ پنجاب سرڪار ۾ به موجود آهي پر گڏوگڏ اُها ”اپوزيشن“ طور پاڻ مٿان ٿيندڙ ”ظلمن“ تي عوام کي اپيل ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ ووٽ بئنڪ ٺاهي رهي آهي. جيڪڏهن نواز ليگ کي ايڏي ئي ڪاوڙ رهي آهي ته اقتدار کي لت هڻي ٻيهر چونڊون ڪرائي ها، پر نه، هي ته ”نانگ به مري ۽ لٺ به نه ٽٽي“ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن. باقي عوام، جمهوريت، احتساب، قانون جي حڪمراني، راز پڌرا ڪرڻ جون ڌمڪيون، وزيراعظمن کي هٽائڻ جون دانهون، نئين سماجي معاهدي جون دعوائون اهي سڀ بنيادي طور تي خانداني جمهوريت لاءِ آهن. عوام کي گذريل ٽن ڏهاڪن جي ”شريف“ حڪمراني دوران ئي ڪجهه نه مليو سو هاڻي ڇا ملندو. شريف خاندان ڪُل ملائي ڪري گذريل ٽن ڏهاڪن کان حڪمراني ڪندو اچي پيو پر پوءِ به اهو چوڻ ته ”اسان کي هلڻ نه ڏنو ويو“ ڪيڏو نه کِل جوڳو بيان آهي. جيڪڏهن هڪ خاندان کي ٽيهه سال حڪمراني جا مليا هجن ۽ اُهو پوءِ به پنهنجي ايجنڊا /ڪم مڪمل نه ڪري سگهيو هجي ته ان کي جيڪڏهن ٻيا پنجاهه سال به ڏجن تڏهن به ڪجهه نه ڪري سگهندو. اصل ۾ ميان نواز شريف جي نظر ۾ جمهوريت جي معنى ئي خانداني فلاح ۽ بهبود آهي. اهو ئي سبب آهي ته ٽي ڏهاڪا اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ هُنن ايتري دولت ميڙي جو کين لڪائڻ لاءِ آف شور اڪائونٽ کولڻا پئجي ويا. شريف اينڊ ڪمپني حڪومت ۾ به آهي ته اپوزيشن ۾ به، عدليا تي تنقيد به ڪن پيا ته اليڪشن جي تياري به، پيسا به ميڙن پيا ۽ پنهنجي مظلوميت تي دانهون به ڪن پيا، ماضيءَ ۾ جن خلاف هي پاڻ عدالتن ۾ ويا هاڻي پاڻ ئي اُنهن جا وڪيل ٿي پيا آهن، آمر خلاف ڳالهائين ٿا پر انهيءَ آمر جي ڇاڙتن کي پنهنجين صفن ۾ ويهاريو به ويٺا آهن انهيءَ ”شريف پاليسي“ کي چئبو آهي ”ٻئي گدرا مُٺ ۾“