جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ملڪ جي هڪ بهادر ۽ اڏول عورت جو وڇوڙو

ايڊيٽوريل
مشهور سماجي ڪارڪن ۽ سينيئر قانوندان عاصمه جهانگير دل جو دورو پوڻ سبب 66 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، عاصمه جهانگير 27 جنوري 1952ع تي لاهور ۾ جنم ورتو ۽ انهي شهر ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن پورا ڪيا. سندس 66 سالن جي زندگيءَ تي جيڪڏهن هڪ نظر وجهجي ٿي ته ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هوءَ پاڪستان جي هڪ بهادر، اصول پرست ۽ انساني حقن جي وڏي علمبردار هئي، هوءَ سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جي عورت صدر به رهي. عاصمه جهانگير کي فوجي آمر ضياءُ الحق جي حڪومت خلاف احتجاج ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ايم آر ڊي ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ تي جيل به ڀوڳڻو پيو، هن 2007ع ۾ هڪ ٻئي فوجي آمر مشرف جي دور ۾ وڪلين جي تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو، نتيجي ۾ ان دوران به کيس نظر بند رکيو ويو. عاصمه جهانگير گڏيل طور تي انساني حقن جي ڪميشن ۽ وومين ايڪشن فورم جو بنياد به رکيو، کيس جمهوريت ۽ انساني حقن جي خدمتن تي 2010ع ۾ حلالِ امتياز ۽ ستاره امتياز سان به نوازيو ويو ۽ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو پاران به کيس ايوارڊ ڏنا ويا، هن 2014ع ۾ لائيو لي هوڊ ايوارڊ ۽ 2010ع ۾ فريڊم ايوارڊ به ماڻيو، عاصمه جهانگير پنهنجي زندگي ۾ جيڪڏهن اهي وڏا وڏا اعزاز ماڻيا، ان جو سبب ظاهري طور سندس جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي پر عاصمه جهانگير جي زندگيءَ جو هڪ ٻيو پهلو، جيڪو وزندار آهي، اُهو اِهو آهي ته هن بهادر عورت ملڪ اندر وڌندڙ انتهاپسندي، دهشتگردي کي نه رڳو زباني طور ننديو پر ان خلاف روڊن ۽ رستن تي اچي به جدوجهد ڪئي، تنهن کانسواءِ هن ارڏي عورت انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪاروڪاري، عورتن تي ٿيندڙ ظلم کانسواءِ ملڪ اندر اقليتن سان ٿيندڙ بي واجبين ۽ سندن حقن جي خلاف وردين خلاف عدالتن ۾ وڃي به آواز اٿاريو، سندس زندگيءَ جو اهو به پهلو هو ته هن هميشه رنگ، نسل ۽ زبان کان هٽي ڪري ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۽ اقليتي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف هن ارڏي عورت وڏو ڪردار ادا ڪيو، اهو ئي سبب هو جو هوءَ هميشه نه رڳو پاڪستان پر دنيا اندر انتهاپسند ۽ دهشتگرد تنظيمن جي لاءِ اک جو ڪنڊو هئي. جڏهن به ڪنهن حڪومت پوءِ ڀلي اها جمهوري هجي يا آمريت واري هجي، تنهن جيڪڏهن جمهوريت ۽ انساني حقن جي خلاف قدم کنيا ته هن بهادر عورت ان جي نه رڳو کُلئي عام نه رڳو مخالفت ڪئي پر رستن ۽ عدالتن ۾ وڃي به مزاحمت ڪئي. اسين عاصمه جهانگير جي بي وقتائتي موت کي انساني حقن، جمهوريت ۽ مظلوم طبقن جي لاءِ وڏو نقصان سمجهون ٿا ۽ هن ملڪ ۾ خال ڀرجڻ مشڪل سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ ته هن جيڪو هڪ عورت جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، اهو ڪو مرد به نه ڪري سگهي ها، اسين سندس وفات تي سندس پونئيرن سان به تعزيت ڪريون ٿا ۽ سندس وفات کي ملڪ ۽ قوم لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيون ٿا.