اربع 23 مئي 2018ع

والاريل فلسطين ۾ غير قانوني اسرائيلي آبادڪاري سان امن عمل متاثر ٿي سگهي ٿو: ٽرمپ

ويب ڊيسڪ: واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته والاريل فلسطين ۾ غير قانوني اسرائيلي آبادڪاري سان امن عمل متاثر ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسرائيل يهودي آبادڪاري جي معاملي ۾ احتياط کان ڪم وٺي ڇو ته ان سان فلسطين امن عمل پيچيدگي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته فلسطين ۽ اسرائيل في الحال امن ڳالهين لاءِ راضي ناهي، يهودي آبادڪاري جي مسئلي تي اسان اسرائيل سان ڳالهائيندو، انهن وسندين سبب معاملا هميشا پيچيدگي جو شڪار ٿيا آهن، اسرائيل کي انهن وسندين جي تعمير جي حوالي سان متحاط هجڻ گهرجي.