جمعو 17  آگسٽ 2018ع

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آئي اي ايم ڪيو ايم جي 10 اڳواڻ کي طلب ڪري ورتو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: ايم ڪيو ايم باني ۽ حوارين جو گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو، ايف آئي اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي 10 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم تي 2 ارب رپيا خدمت خلق فائونڊيشن ذريعي لنڊن موڪلڻ جو الزام آهي، جن اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر صغر احمد جيڪو هن وقت پي ايس ۾ وڃي چڪو آهي، محمد شاهد، محمد زبير، محمد طاهر، رو.ئف مغل، منظور احمد، ڪيف الورا، محمد عمران، رفيق راجپوت ۽ ڪمال صديقي شامل آهي.