جمعو 17  آگسٽ 2018ع

چيف جسٽس آف پاڪستان نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار کي گرفتار نه ڪرڻ جوحڪم جاري ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي گرفتار نه ڪرڻ جوحڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي جي هاءِ پروفائل قتل نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته عدالت جي هيومن رائيٽس سيل کي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو خط مليو آهي، جيڪڏهن اهو خط واقعي رائو انوار جو آهي ته عدالت کيس موقعو ڏئي ٿي ته هو پاڻ ايندڙ جمعي تي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري، سنڌ پوليس ۽ اسلام آباد پوليس سندس حفاظت ڪري ۽ کيس گرفتار نه ڪيو وڃي پر اهو حڪم رائو انوار جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ سان مشروط هوندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نقيب الله اسان جو به ٻچو هو پر شاهدي کانسواءِ ڪنهن کي ڏوهي نٿو چئي سگهجي، رائو انوار کي به انصاف ملڻ گهرجي، خط جي تصديق رائو انوار ئي ڪري سگهي ٿو پر اڳوڻي ايس ايس پي جي خط تي نئين جي آءِ ٽي جوڙينداسين. جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي.