جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ويب ڊيسڪ: لاهور: ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ناليواري قانوندان ۽ سماجي ڪارڪن عاصمه جهانگير جو مڙهه قافلي جي صورت ۾ سندس رهائشگاهه کان قذافي اسٽيڊيم آندو ويو. عاصمه جهانگير جي جنازي نماز فاروق حيدر مودودي پڙهائي جڏهن ته جنازي نماز دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ۾ مشهور سياسي، سماجي اڳواڻن سميت وڪيل برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. عاصمه جهانگير کي بيديان روڊ تي سندس فارم هائوس تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي.