ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

پاڪستان ڀارت جي مهم جو منهن ٽوڙ ۽ ان ئي زبان ۾ جواب ڏيندو: بچاءُ وارو وزير خردم دستگير

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: بچاءُ واري وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي مهم جو منهن ٽوڙ ۽ ان ئي زبان ۾ جواب ڏيندو. ڀارتي ڀچاءُ واري وزير نرملا سيٿارامان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خرم دستگير جو چوڻ هو ته ڀارت کي ڪنهن به ٺوس ثبوت بنا الزام لڳائن جي ڪڌي عمل بدران پاڪستان خلاف رياستي سطح تي ڪيل سازشن جو جواب ڏيڻ گهرجي، جنهن جو ثبوت ڪلڀوشن جي شڪل ۾ پوري دنيا جي سامهون آهي. بچاءُ واري وزير چيو ته حقيقت ۾ ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 2017ع کان 5 ڀيرا وڌيڪ فوجي حملن ۽ ايٽمي ڊيٽرنيٽ باري ۾ غير ذميواراڻا بيان ڏئي خطي ۾ استحڪام جي کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان خلاف ڀارتي حڪومت جي امڪاني تزويراتي غلطي فهمي تي ٻڌل ڪارروائي سان ڏکڻ ايشيا جو اسٽريٽجڪ استحڪام متاثر ٿيندو پر ڪنهن به جارحيت، غلط فهمي يا مهم جي شدت، طريقي يا محل وقوع سان ڀرپور جوابي ڪارروائي ٿيندي ۽ ڀارت کي ان جي زبان ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.