اربع 23 مئي 2018ع

عدالت قصور ۾ ٻارن سان بدفعلي ۽ ويڊيو ٺاهڻ وارن 3 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: لاهور: قصور ۾ ٻارن سان بدفعلي ۽ نازيبا ويڊيو ٺاهڻ واري اسڪينڊل ۾ ملوث 3 جوابدارن کي عمرقيد سزا ٻڌائي ڇڏي، لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 4 ۾ قصور ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدرن حسيم عامر، وسيم سنڌي ۽ عليم آصف کي عمر قيد ۽ 3 لک رپيا جرمانو جي سزا جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو