ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

ايم ڪيو ايم پاڪستان جا وڏا نالا اسان سان رابطي ۾ آهن: اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته متحده پاڪستان جا وڏا نالا اسان سان رابطي ۾ آهن ڇو ته انهن کي به خبر آهي ته ڪراچي جي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي وٽ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ ۾ صرف 3 مهينا باقي آهن. هاڻ نگران وزيراعظم لاءِ مشاورتي عمل شروع ٿيڻ گهرجي پر اڃان تائين وزيراعظم طرفان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪو مشاورتي عمل شروع ٿي سگهيو. هن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته بهترن شخص کي نگران وزيراعظم بڻايو وڃي ۽ ان لاءِ عوام کي به گهرجي ته اسان کي هو پنهنجي مرضي جا سٺا نالا ٻڌائين ته جيئن مشاورت ۾ انهن تي غور ڪري سگهجي. اين اي 154 لوڌران ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست تي خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جو موقف هو ته وراثتي سياست ختم ٿيڻ گهرجي پر هن پنهنجي چوڻ جي برعڪس پاڻ وراثتي سياست تي عمل ڪيو ۽ شايد ان ئي سبب ان کي عوام به پنهنجي ووٽ وسيلي منفي جواب ڏنو ۽ وراثتي سياست کي شڪست ٿي وئي.