ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻيءَ قبائلي رسم” غگ“ جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف

ويب ڊيسڪ: ڪوهاٽ: ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي جي قتل ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻيءَ کي قتل نه ڪيو ويو پر هوءَ قبائلي رسم“ غگ” جو شڪار ٿي آهي. قبائلي رسم موجب ڪو به ڇوڪرو ناريءَ جي گهر ٻاهران چار فائر ڪندو آهي ۽ ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو دعويدار ٿي ويندو آهي. پوءِ ڪو به مرد ان ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندو آهي. آر پي او ڪوهاٽ جو چوڻ آهي ته عاصمه جو قتل غگ جهڙو آهي پر غگ ناهي. حڪومت جي انڪار باوجود غگ جي رسم اڃا تائين جاري آهي. قبائلي رسم تحت دعويدار ڇوڪري پاڻ شادي کان انڪار به ڪري ته ڇوڪريون ڪنواريون رهجي وينديون آهن ۽ ڪي پي توڙي فاٽا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون موجود آهن.