ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

منهنجي خلاف ڪيس ۽ سازشن جواب عوام ڏئي رهيو آهي: نواز شريف

ويب ڊيسڪ: نااهل وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته هن خلاف ڪيس ۽ سازشن جو جواب عوام ڏئي رهيو آهي، احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته منهنجو ڪيس پاڪستان جي عوام وڙهي رهي آهي، احتساب جي نالي تي اسان کي انتقام ورتو پيو وڃي، پر عوام جو رد عمل عيان آهي، اسان خلاف ڪوڙن ڪيسن ۽ سازشن جو جواب عوام ڏئي رهيو آهي، ووٽ جي تقدس جي مثال به قائم ڪري رهيا آهن.