اربع 23 مئي 2018ع

سنڌ جو زير زمين زهريلو ٿي ويل پاڻي ۽ زندگين جو سوال

عمران منگي
ندي جنهن تي سنڌ صوبي ۾ رهندڙ انسانن توڙي جانورن جي زندگين جو دارو مدار آهي. جيڪا دنيا جي وڏين نندين مان 17 نمبر تي آهي، هي عظيم عاليشان نندي هماليه جبل جي ڪيلاش پربت نندي مانسرا ڍنڍ مان نڪري ڪشمير جي گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙيندي 1200 فٽن جي بلندي تان جتان انسان جو لنگهه به مشڪل آهي، پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن مان گذرندي 1800 ميل سفر ڪري سنڌ جي شاهه بندر وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿين خدا سڀني زنده شين کي پاڻي مان پيدا ڪيو آهين اهو ئي سبب آهي جو دنيا جون آڳاٽيون تهذيبون درياهن، ندين، ڍنڍن ۽ واهڙن جي ڀرپاسي آباد مليون آهن. درياهن جو پاڻي مئل زمين ۾ حياتي پيدا ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿو. سنڌ هميشه قدرتي وسيلن سان مالا مال، زرخيز، سرسبز ۽ شاداب رهي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سرزمين کي سنڌو جو پاڻي ريج ڪندو رهيو آهي، انهي ڪري سنڌو جي ٻنهي ڪنارن تي زمين سدائين وڻن ۽ مختلف فصلن جي سائي چادر اوڙهي رکي آهي ۽ وڻن جي وڏي تعداد سبب هتان جي آبهوا تمام سڳنڌ رهي آهي، تڏهن ته اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفى ﷺ فرمايو ته مونکي سنڌ جي طرف کان ٿڌڙي هير لڳي ٿي ۽ شهيد ڪربلا امام حسين عليه السلام فرمايو ته دل جي حسرت هئي ته سنڌ ڏسان. سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي مٿين حديث پاڪ ۽ اقوال امام مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي آبهوا ۽ اتي پيدا ٿيندڙ فصل ۽ ميوا آڳاٽي دور ۾ به پوري دنيا ۾ مشهور هئا. جڏهن انسان اڃان ترقي نه ڪئي هئي ان وقت به سنڌ هر طرح خوشحال ۽ امن جي ڌرتي طور سڃاتي ويندي هئي. هتان جي پاڻي، فصلن ۽ ميون ۾ ايترو ته ميٺاج هو جو ان سرزمين تان پيدا ٿيندڙ جنسن کي جنت جي جنسن سان مشابهت ڏني ويندي هئي. اڄ جتي دنيا ترقي ڪري چنڊ تي رهڻ لاءِ تعميراتي منصوبابندي ۾ مصروف آهي اتي وري سنڌ سان جيڪا ويڌن ڪئي وئي آهي اها ڪنهن کان لڪل نه آهي. سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن، واهن، شاخن ۾ شهرن جو گندو پاڻي ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، ان گندي پاڻي جي نهري نظام ۾ ڇڏڻ سان جتي انسانن کي نقصان ٿيو آهي ته اتي وري جانورن، پکين توڙي آبي جيوت ۽ فصل به ان سبب متاثر ٿيا آهن ۽ بيمارين ۾ به اضافو ٿيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي زير زمين پاڻي کي منرل واٽر سمجهي استعمال ڪيو ويندو هو. پر اڄ حالت اها ٿي وئي آهي جو سنڌ جو زير زمين پاڻي پيئڻ جي قابل نه رهيو آهي ۽ تيزي سان کارو ٿي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا رهواسي ڪيترن ئي موضي بيمارين ۾ وڪوڙجي پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. تازو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي جنهن پنهنجي 180 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ڪٿي به ڊبليو ايڇ او جي معيار موجب پيئڻ جو پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري سسٽم ۾ انتظامي نااهلي ۽ غفلت شامل آهي. سنڌ حڪومت پڻ اعتراف ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ 87 سيڪڙو زير زمين پاڻي کارو ٿي چڪو آهي ۽ سيوريج توڙي صنعتي ادارن مان نڪرندڙ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ کان سواءِ سنڌو دريا ۽ ان مان نڪرندڙ واهن، ڪئنالن، شاخن ۾ ڇڏيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اهو نهري نظام وارو پاڻي ماڻهو پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ سنڌ جي زمين به آباد ٿئي ٿي، سنڌ اندر گندي پاڻي جي استعمال سبب بيمارين جو تعداد تمام گهڻو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽائيفائيڊ، ڪاري ڪامڻ، سائي، دل جون بيماريون، ڊائيريا، ايڇ آءِ وي ايڊز، جهڙيون خطرناڪ ۽ موذي بيماريون شامل آهن ۽ ڪوبه سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪونهي، گندي پاڻي جي استعمال سبب ڄڻ ته سڄو معاشرو بيمارين جي ور ڇڙهيل آهي، تازو ئي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ کير جا واپاري کير ڏيندڙ جانورن کي وڌيڪ کير ڏيڻ لاءِ جيڪي ٽڪا هڻي رهيا آهن، اهي ٽڪا انساني زندگي لاءِ هاڃيڪار آهن پر ان جو وڪرو اسٽورن تي عام آهي. هن وقت حڪومتي نااهلي جا سمورا ڪيس ڪورٽن ۾ هلن ٿا ۽ انهن تي ڪورٽون پنهنجا فيصلا به ٻڌائينديون رهن ٿيون. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته حڪومت جا باقي ادارا ۽ انهن ۾ مقرر ڪيل آفيسر ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي عوامي مسئلا حڪومتي ادارن ۾ حل ٿيڻ گهرجن پر انهن کي اتي حل نه ٿو ڪيو وڃي، مجبورن ماڻهن کي ڪورٽن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جو نيڪال ۽ صحت جهڙي اهم شعبي ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين جا ڪيس پڻ ڪورٽن ۾ هلن ٿا ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته حڪومتن ۾ ويٺل واسطيدار وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار ڇا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو باقي ڪم ڪهڙو بچي ٿو؟ جو عوام طرفان ڏنل ٽيڪس جي پئسن مان پگهارون کڻن ٿا جڏهن ته سمورن معاملن ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين جي نشاندهي ۽ انهن جو حل ڪورٽن ۾ ٿئي ٿو. سڀني سڌريل ملڪن ۾ جتي به ڪنهن اداري مٿان ڪرپشن جو الزام لڳندو آهي ته انهن ادارن جا سربراهه توڙي واسطيدار ڪامورا ۽ حڪومتي وزير، مشير پنهنجون ڪرسيون پاڻ مرادو ڇڏي ويندا آهن پراسان جو واحد ملڪ آهي جتي وقت جا حڪمران ڪرپشن جي شهنشاهن کي ڳولهي اهم عهدن تي ويهارين ٿا ته جيئن ٿيندڙ ڪرپشن کي لڪائي سگهجي. هتي اسين صرف سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ حڪومتي ذميوارين تي نظر ڦيرائينداسين ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل هدايتن کي لڳ ڀڳ هڪ سال مڪمل ٿيو آهي پر حڪمرانن پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري مسئلي جي حل لاءِ هن وقت تائين ڪوبه تسلي بخش قدم نه کنيو آهي صرف پنهنجي دور جي 10 سالن جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ فائيلن جو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن. سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار هجڻ جي رپورٽن کانپوءِ سنڌ جو عوام مايوسي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. چوندا آهن ته جيءُ آهي ته جهان آهي. جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي هن رفتار سان صحت لاءِ نقصانڪار ٿيندو رهيو ۽ حڪومت ان جي حل لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا ته پوءِ سنڌ ۾ انسان توڙي جانور اهڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ٿيندا ويندا. جو انهن جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي سنڌ جي ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيات ختم ٿي ويندي پوءِ حڪمرانن جون اهي شاهيون به نه رهنديون.