ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

ٿرڪول وزٽ: جيئن مون ڏٺو

يوسف سنڌي
کان ٿر مان ڪوئلو نڪتو آهي تڏهن کان اهو بحث جاري آهي ته ان ڪوئلي کي ڪيئن استعمال ڪجي ۽ ان مان بجلي ٺاهي ملڪ مان توانائي جي بحران کي ڪيئن گهٽائجي، سنڌ کي ڪيئن فائدو رسائجي ۽ سنڌ جي جنهن علائقي ٿر مان اهو نڪتو آهي، اتي جي ”ترقي جي لاءِ مناسب قدمن ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ پڪ پڪاڻيون حاصل ڪجن، ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلو آئيني طور تي نج صوبائي اسم بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري ان بحث هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ گذريل ڪيتري عرصي کان مختلف فورمن تي ان جي مختلف رخن کان رايا رڪارڊ ٿيندا رهيا آهن، تازو گذريل مهيني حيدرآباد ۾ ادبي ميلي جي هڪ سيشن جي ان حوالي سان شروعات ٿي ته هڪ سينيئر صحافي اٿي هڪ ڪمينٽ ڏنو ۽ ان جي جواب ملڻ ۽ ٻڌڻ کان اڳ ئي اتي موجود ڪجهه نوجوانن اٿي بيهي جذباتي نعريبازي ڪئي ۽ اها ڪوشش ڪئي ته اهو سيشن ٿيڻ نه ڏجي، پوءِ هو ٻاهر نڪري ويا، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ان قسم جي نعري بازي ڪرڻ ۽ سيشن مان ٻاهر نڪرڻ جي بدران، سڪون سان اهو سيشن ٻڌجي ها ۽ پوءِ دليلن سان سيشن ۾ ڳالهائيندڙ دوستن سان سندن ڳالهين جي روشنيءَ ۾ سوال ڪجن ها، پر شايد اسان ان قسم جي معاملن ۾ سنجيده نوعيت جي بحثن بدران رڳو ”نه کپي، نه کپي“ کان اڳتي وڌي مختلف فورمن تي پنهنجو مؤقف رکون، ڇاڪاڻ ته ان نه کپي نه کپي جي نعري بازي ۾ اسان جو سڀ ڪجهه کپي (وڪرو) ٿي ويو آهي. ان سيشن کي مون سميت اتي ويٺل دوستن ڌيان سان ٻُڌو ۽ سيشن ۾ ڳالهائيندڙ دوستن کان سوال به ڪيا ويا ۽ ڪافي مطمئن به ٿيا، پر بهرحال ذهن ۾ هڪ خدشو ضرور رهيو ته، ”خدا ڪري ته سڀ ڪجهه ائين هجي“ اسان کي سيشن ۾ ڳالهائيندڙ دوستن جي نيتن تي ذري جيترو به شڪ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ان سيشن ۾ ڳالهائيندڙ دوستن محترم نصير ميمڻ ۽ ٻين لاءِ نوڪرين جو ڪو مسئلو ڪونهي، جو هو سون تي سيڻ مٽائين، هو اڳ ۾ به سُٺين ۽ اهم پوسٽن تي هئا، پر ڇاڪاڻ ته اسان ماڻهن سان گذريل ستر سالن ۾ اهڙيون ته ويساهه گهاتيون ۽ جُٺيون ڪيون ويون آهن، جو ان قسم جا خدشا هر وقت اسان جي ذهنن ۾ رهن ٿا ته ڪٿي ترقيءَ جي نالي ۾ اسان سان وري ڪا نئين تعدي ته نه ڪئي ويندي، ان سيشن کانپوءِ ٻاهر مون ذاتي ڪچهري ۾ پڻ محترم نصير ميمڻ سان ان قسم جي خدشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي پاڻ مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. ٻن ڏينهن کانپوءِ اينگرو مان ڪنهن دوست فون ڪري مون کي چيو ته ڪمپنيءَ پاران سنڌ جي سول سوسائيٽي ۽ صحافي برادريءَ جي هڪ وفد کي 27 ۽ 28 جنوريءَ تي اسلام ڪوٽ جي ڀرسان ٿرڪول جي بلاڪ-2 جو هڪ مطالعا تي دورو ڪرايو پيو وڃي، اوهين جي ان وفد ۾ شامل ٿيڻ گهرو ته پنهنجي رضامندي ٻڌايو. اها آڇ ٻڌي مون هڪدم هائوڪار ڪئي، ڇاڪاڻ ته مون چاهيو ٿي ته دوستن ان سيشن ۾ ترقي جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ۽ دعوائون ڪيون هيون، سي سر زمين تي وڃي ڏسجن ته حقيقتون ڇا آهن، 27-جنوريءَ تي اسين وفد جا ميمبر حيدرآباد مان فيلڊ ۾ روانا ٿياسين ته ٻين ساٿين جيان منهنجي دل ۽ ذهن ۾ پڻ ڪافي سوال هئا ۽ غبار ڀريل هو ته ڪمپني جي دوستن سان ان حوالي سان بحث مباحثو ڪبو، ان وفد ۾ مون کانسواءِ جناب مهيش ڪمار، علي حسن، فاروق سومرو، عبدالرزاق عمراڻي، عباس کوسو، ڊاڪٽر نذير شيخ، راشد لغاري، نذير عيساڻي، خالد ٻٻر، عامر رضا ميمڻ، پنهل جمالي، معظم ٻٻر، امير حيدر ۽ ڊان نيوز جو ڪئميرامين نذر ۽ ٻيا شامل هئا. اسان کي ڪمپنيءَ پاران جيڪو شيڊول ڏنو ويو، ان ۾ ٻه شيون شامل نه هيون، هڪڙي گوڙاڻي تلاءَ جي سائيٽ وزٽ ۽ ٻيو پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي اڳيان گوڙاڻي تلاءُ جي هنڌ کي تبديل ڪرائڻ جو مطالبو کڻي ويٺل بک هڙتالين سان ملاقات، اسان جو جڏهن شيڊولڊ دورو مڪمل ٿيو ته اسان منتظمين کي چيو ته اسين هاڻ گوڙاڻي تلاءَ جي سائيٽ به وزٽ ڪنداسين ۽ اتان نڪرندڙ پاڻي کي پاڻ چکڻ چاهينداسين، جيئن اسين ان پاڻي کي ڪمپني جي ڏنل رپورٽ سان ڀيٽي ڏسون، اسان جي ان فرمائش تي دوست هڪدم راضي ٿي ويا ۽ اسان کي گوڙاڻي تلاءُ تي ان هنڌ وٺي ويا، جتان پائيپ ذريعي پاڻي نڪري تلاءُ ۾ پي آيو، اسان نه رڳو اهو هنڌ به ڏٺو پر اهو پاڻي چکي ۽ پيءَ به ڏٺو ۽ ڪن دوستن تي ان جون بوتلون ڀري به کنيون ته اسين ان پاڻي جي ٽيسٽ ڪرائينداسين، ان کانپوءِ اسين پاڻمرادو سڌو پريس ڪلب اسلام ڪوٽ وياسين ۽ پريس ڪلب جي ٻاهران ويٺل بک هڙتالين سان ملياسين ۽ کانئن حال احوال ورتاسون ۽ ان سان گڏ صحافي دوستن سان به ملياسين ۽ کانئن حقيقتون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين، واپس اچي مون ذاتي طور تي پنهنجي ٿري نوجوان دوستن سان رابطا ڪيا ۽ کانئن ان سڄي معاملي بابت راءِ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وزٽ جي دوران ئي سوشل ميڊيا وغيره تي ڪن دوستن پاران اسان دورو ڪندڙ ساٿين جي باري ۾ نهايت عجيب و غريب، اڻ وڻندڙ ۽ نامناسب اسٽيٽس رکيا ويا ۽ گارين ڏيڻ سان گڏ اهو به لکيو ويو ته ”اسين اينگرو ڪمپني جي ڪنٽينرن ۾ رهائش، شراب جي بوتلن ۽ چمڪ سبب وڪرو ٿي ويا آهيون“. حيرت ٿي ته اسان جي راءِ اچڻ کان اڳ ئي ان قسم جا ڪمينٽس سواءِ غير سنجيدگي ۽ هوا ۾ تير هلائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهن، اهو هڪ نامناسب عمل آهي، انهن مان ٻن اهڙن صحافي دوستن جا اسٽيٽس به هئا، جن مان هڪ ”زيد-وا“ کي جڏهن آئون 2004ع ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ هوندو هئس ته اخبار مان ماڻهن ۽ ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ ڀتو اوڳاڙڻ جي الزامن ثابت ٿيڻ تي اشتهار ڇپي خارج ڪيو ويو هو، ٻيو دوست جنهن اسان جي هر تصوير تي لڙڪن هاڻيون اکيون ٿي رکيون، اهو تبديلي پسندن سان گڏجي پاڻ کي مالي حوالي سان ايترو ته تبديل ڪري چڪو آهي، جو سندس اها تبديلي سندس ڪجهه سال اڳ جي تصويرن ۽ اٿي ويٺي ۽ هاڻوڪين تصويرن ۽ اٿي ويٺي مان لڳائي سگهجي ٿو، اهو ائين آهي جيئن جيئن مينهن ڍڳيءَ کي چوي ته هل ڙي پُڇ ڪاري! بهرحال مون کي کل تڏهن ايندي آهي، جڏهن ڊولپمينٽ سيڪٽر تي ڊولپمينٽ سيڪٽر جي بدران فڪشن رائيٽر پيا لکندا آهن، جن کي ڊولپمينٽ بابت ڪا به خبر نه هوندي آهي. سنڌي ۾ پاڻ وٽ ڪجهه چوڻيون اهڙيون ته آهن، جيڪي پنهنجي اندر ۾ وسيع پسمنظر رکن ٿيون ۽ انهن جي پويان هڪ ڊگهي عرصي جو تجربو هوندو آهي، اهڙي ئي هڪ چوڻي آهي. ”لٺ کڻجي ڀاءُ بدران ۽ ڳالهه ڪجي خدا ڪارڻ“ ان چوڻيءَ موجب ٻن ڏينهن جي ان دوري دوران مون جيڪي ڪجهه ڏٺو، ٻڌو، سمجهيو ۽ محسوس ڪيو، اهو جيئن جو تيئن اظهاريندس، ٿري دوست جيڪي گوڙاڻي هنڌ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڪافي عرصي کان بک هڙتال تي ويٺل آهن ۽ انهن پاران ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل آهي. انهن جي مؤقف تي به لکبو ۽ ڪمپني پاران جيڪي انگ اکر ٻڌايا ويا، اکين ڏٺل مشاهدي موجب انهن جو به جائزو وٺبو ۽ ان سان گڏ مذڪوره علائقي ۾ جيڪا ترقي ۽ تبديلي ڏٺي، ان تي به لکبو، اهو سڀ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن حقيقتون پڙهندڙن جي اڳيان رکجن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرفي پروپئگينڊا يا وٺ جواب ڏي جواب سبب ماڻهن جي ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون ويهي رهنديون آهن، هو اهي ئي حتمي سمجهڻ لڳندا آهن، باقي اها ڳالهه ضرور ڪجي ته هر تبديلي يا ترقي جي عمل جي پويان، پراڻين شين جي ڀڃ ڊاهه جو عمل ضرور ٿيندو آهي، جنهن کي بهرحال قبولڻو ئي پوي ٿو، مثال طور آئون پهريون ڀيرو ٿر مٺي 1989ع ۾ ويو هوس، اسان کي اسلام ڪوٽ وڃڻو هو، صبح جو ڏهين بجي حيدرآباد مان ايس آر ٽي سي جي بس ۾ چڙهي ٻين يا اڍائي بجي وڃي مٺي پهتو هوس، ان کانپوءِ کيکڙن تي چڙهي اسلام ڪوٽ پهتاسين، کيکڙن جو اهو سفر به ڪنهن ايڊونچر کان گهٽ نه هو، هنڌ هنڌ تي ڀَٽن سبب کيکڙي مان لهڻو ۽ چڙهڻو ٿي پيو، رات جي سفر ۾ ته کيکڙي کان رستو ئي وڃائجي ويو، هينئر اتي رستن جو ڄارو وڃايل آهي، جنهن سبب 1989ع ۾ مٺي کان اسلام ڪوٽ تائين کيکڙي تي سفر ڪرڻ جو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.