ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

ايم ڪيو ايم جي سياست

امتياز عالم
جڏهن متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) بابت لکڻ جو سوچي رهيو هئس ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي بيان تي نظر پئي. تمام ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي مجبور سربراهه ٿڌو شوڪارو ڀري چيو ته ”مون وٽ باني ۽ قائد جهڙو ڏنڊو ناهي.“ هُو سپهه سالار ته آهي پر سپاهه بنا. نه ته رابطا ڪميٽيءَ جي مجال هئي جو حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سوچي ها. ڪو وقت هو ته ”جيڪو قائد جو غدار آ، موت جو حقدار آ“ جو نعرو هلندو هو. ۽ اهو به چيو ويندو هو ته ”منزل نه قائد“. اُهو قائد رهيو، نه قائد جي حڪم تي پنهنجن ئي ڀائرن کي ماريندڙ ڪن ڪٽن جا وحشتناڪ جٿا. پر ان جو ڇا ڪجي ته ڏنڊا ٻه آهن ۽ ويچاري ايم ڪيو ايم جي ورهاڱي. هاڻي هڪ پاسي چست ڏنڊو آهي جيڪو بگڙيلن کي رستي تي آڻڻ ۾ مصروف آهي ۽ چڱو ڪامياب به. ڀلا ”منهنجي ٻلي مون کي ميائون“ ڪڏهن هلڻ وارو هو. ۽ نڪتي به ته سياسي انجنيئرنگ سان پاڪ سر زمين ۽ اُها به قومي جهنڊي جي پاڇي ۾. آگسٽ جي ان شام ۾ قائد اهڙو بي حواس ٿيو جو ايم ڪيو ايم وارن جي نه منزل رهي نه قائد. ويچارو فاروق ستار جيڪو قائد جي جانثارن هٿان کلي عام جوتا کائڻ ۾ عافيت سمجهندو هو ۽ اُهي سڀ جيڪي، هاڻي رابطا ڪميٽي ۾ ويٺا آهن، ڪڏهن قائد جي هڪ آواز تي پڇ لوڏڻ ثواب سمجهندا هئا، سڀ اونڌي منهن زمين تي اچي ڪريا آهن. جڏهن جان ۽ سياسي مال بچائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوي ته قائد جا وڏا وڏا ساٿاري قائد سان غداري کي ئي منزل جي حاصلات لاءِ بچت واري راهه جي ڳولها ۾ بند دروازا کڙڪائڻ تي مجبور ٿيا. پر اُتي اڳئي اڳوڻو ميئر مصطفى ڪمال پنهنجن معافي گذارن سميت گناهه بخشرائي حب الوطني جي مسند تي براجمان ٿي چڪو هو. هاڻي ويچارو فاروق ڀائي ڪنهن پاسي جو نه رهيو، ڪڏهن هُن جي پيرين پوي ٿو ته ڪڏهن هِن جي. ڪجهه ضمانتي اچي وچ ۾ پيا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاداري جو حلف ڏيڻ تي مجبور ته ٿي پر قائد جي سحر مان نه نڪتي. قائد جي مذمت ڪرڻ بنا لنڊن سيڪريٽريٽ کان تدبيري طلاق مشڪوڪ ئي رهي. فاروق ڀائي بدليل وفاداري جي خاطري لاءِ سڀني درن تي مٿو هڻندو رهيو، پر شڪ جو وڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو. هڪ پاسي رابطا ڪميٽي وارا هئا جيڪي هاڻي به مهاجر سپاهه جي تائيد لاءِ لڪي لڪي ڪري قائد سان لاڳاپي ۾ آهن ۽ ٻئي پاسي فاروق ستار هو جيڪو پنهنجي ڏنڊي جي مهرباني جو طلبگار. نه ڄاڻ فاروق ڀائي وفاداري جي پڪ ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا قسم ۽ ڪهڙا ڪهڙا وعدا نه ڪيا هوندا جن جي رابطا ڪميٽيءَ وارن کي ڪهڙي خبر ۽ جيڪڏهن خبر هئي به ته بهروپيت ۽ منافقت جي فن ۾ اسان جي متحده وارن جو ڪو ثاني ناهي. فاروق ڀائي ٺيڪ ئي ته رڙيون ڪري رهيو آهي ته متحده جي ديڳڙي ڇو ائين وچ چوواٽي تي ٽوڙي رهيا آهيو، توڻي جو ان نيڪيءَ جي ڪم ۾ پاڻ ڪڏهن پٺيان رهڻ وارو هو. هاڻي سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جون فهرستون به ٻه آهن ۽ ڏنڊا به ٻه. هڪ قائد جي پراڻن ساٿين جي ۽ ٻي سُٺا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي ضمانت ڏيندڙن جي. قائد جو ڏنڊو ته ڪڏهڪو ٽٽي چڪو ۽ اصل ڏنڊي جا امين ٽيسوري جهڙن نون ڀائرن جي متبادل حب الوطنن جي فهرست فاروق ستار جي هٿن ۾ ڏني وئي هئي. هاڻي رابطا ڪميٽي وارا پنهنجي دستور جون ڪهڙيون دانهون ڏين، نظريه ضرورت جي هلت کي ڪير روڪي سگهي ٿو. هوئن به فاروق ڀائي خير سان آئيني طور تي ايم ڪيو ايم رجسٽرڊ طرفان پنهنجي پارٽيءَ جي سينيٽ لاءِ اميدوارن جي فهرست ڏيڻ جو مجاز آهي. شڪست حال ايم ڪيو ايم جو اهڙو کل جوڳو منظر ڪنهن گذريل 30 سالن ۾ ڏٺو هو! رهبر ثاني جي هٿن ۾ جيڪا فهرست آهي اُها ان جي ناهي ۽ جيڪا فهرست رابطا ڪميٽيءَ وارا کڻي ڦرن ٿا اُها انهن جي ناهي. فاروق ڀائي اهڙي رهبري تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهي، پر مليل فهرست تي بضد آهي. رابطا ڪميٽيءَ وارن جي فهرست ۾ شايد هڪ اڌ نالو اهڙو آهي جيڪو شايد قابل قبول هجي ۽ اُهو به اڳوڻي سپهه سالار جي مهرباني سان جيڪو مهاجرن جي قيادت لاءِ بيتاب رهي ٿو. مهاجر قومي موومينٽ جن فولادي هٿن سان سنڌ ۾ نسلي بنيادن تي جمهوري تحريڪ کي ورهائڻ جي ضرورت کي سامهون رکندي ٺاهي هئي ۽ جيئن وقت بوقت سياسي اٿل پٿل لاءِ استعمال به ڪندا رهيا هئا، متحده جو روپ اختيار ڪرڻ باوجود پاڪستان جي اصل مالڪن لاءِ مٿي جو سور ٿيندي وئي. جڏهن لاڳاپا دشمن سان ملندي نظر آيا ۽ پاڪستان جي صنعتي راڄڌاني بلڪل ئي ايم ڪيو ايم جي هٿن ۾ يرغمال ٿي چڪو هو ته رياست جو ڏنڊو آخر پنهنجي ئي بار کي لڳڻو هو. هاڻي ان ملبي جنهن جو نالو ايم ڪيو ايم آهي کي ڪٻاڙين جي حوالي ڪرڻو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هونئن به تمام گهڻو ڪچرو ڦهليل آهي. هاڻي ڪاٻاڙي ٻوليون لڳائي رهيا آهن، ته فاروق ڀائي ڇو پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ٿئي. جيڪو وڌيڪ ٻولي لڳائيندو، مال گهڻو ان جي ئي هٿ ۾ لڳندو. رابطا ڪميٽي وارا سمجهي ويا ته ٺيڪ نه ته پاڪ سرزمين وارن جي درخواست ته آهي يا وري فاروق ڀائيءَ جي ٻولي قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج. هونئن به ڪراچي جتي سڀني قومن جا ماڻهو آهن کي ڪو هڪ گروهه ڪيئن يرغمال بڻائي سگهي ٿو. اسان جي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي هاڻي پاڪستان جو مامو ٿيڻ يا وري مهاجر قوم ٿيڻ جي بيماري ۾ سڪڙجڻ بدران سنڌ ڌرتيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ گهرجي. اهو ڇا گهٽ آهي ته اُهي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ امير شهر مان سڀ کان وڌيڪ مستفيد ٿي رهيا آهن ۽ اردو ٻولي خير سان ملڪي رابطي جي ٻولي آهي. ڪراچي ڪاسموپوليٽن آهي ۽ اردو ڪنهن هڪ نسلي گروهه جي ٻولي ناهي، هي ته آهي ئي بين النسلياتي گڏپ جي پيداوار، وري ان تفرقي جو سبب ٿيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. پاڪستان جون ٻيون سڀ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو اردو سکن ۽ ڳالهائين ٿا. پنجاب جا سڀ مهاجر پنجابي ۽ سرائيڪي ڳالهائڻ ۾ عار محسوس نه ٿا ڪن. هي سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ ٽئين چوٿين نسل کي سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي گهٻراهٽ آهي. يقينن ميونسپل حڪومت جو نه هجڻ ڪراچيءَ لاءِ وڏو مسئلو آهي ۽ هي ته ڪراچيءَ جهڙي شهر کي هلائڻ کان رهيا. هاڻي ايم ڪيو ايم جي ڀڃ ڊاهه سان جيڪو سياسي خلاءَ ٺهي رهيو آهي، ان کي ملڪ گير جماعتن کي ڀرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم کان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي جيڪا رتوڇاڻ نصيب ٿي، ان کي وچولي طبقي جي ڪردار بابت جيڪي خوش فهميون ڦهلائيون وينديون رهيون، انهن تي غور ڪرڻ جو وقت آهي. سڄي دنيا ۾ وچولو طبقو جتي فسطائي جماعتن جي ڪرنگهي جي هڏي ٿيو اُتي هي جمهوريت ۽ روشن خيالي جو هر اول دستو به. ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جيڪڏهن ”ڀائي لوگ“ فسطائيت ۽ تفرقي سان ڀريل لسانيت کان توبهه ڪن ۽ سبط حسن جهڙي روشن خيال استادن سان رجوع ڪن. سندن آجبو ڏنڊي ۾ نه پر جمهوريت ۾ ئي آهي.