اربع 23 مئي 2018ع

هوسڙي لڳ پيش آيل پورهيت نياڻين سان المناڪ حادثو

ايڊيٽوريل
هوسڙي لڳ لڱ ڪانڊاريندڙ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ تيز رفتار ڊمپر پڪ اپ سوزوڪيءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن ۾ غربت سان جنگ جوٽيندڙ حيدرآباد جي 9 نياڻين سميت 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگريءَ سوڌو 3 عورتون زخمي ٿي پيون، ٻڌايو ويو آهي ته ڳوٺ عدل نوناريءَ وٽ تعمير ٿيندڙ حيدرآباد-ٽنڊو محمد روڊ تي تيز رفتاريءَ ۾ ايندڙ ڊمپر سوزوڪيءَ کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ سوزوڪيءَ ۾ سوار هڪ خانگي مصالحه ڪمپني جون سيلز مين 9 نياڻيون سوزوڪي ڊرائيور سميت اجل جو شڪار ٿي ويون. فوت ٿيل نياڻيون ۽ ڊرائيور شهر جي مختلف علائقن جا رهواسي آهن. حادثي کانپوءِ ڊمپر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوت ٿيل نياڻين جي گهرن ۾ ماتم متل آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اسان وٽ تعمير ٿيندڙ روڊن تي جهڙيءَ طرح متبادل رستا قائم ڪري هلندڙ ٽرئفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ گهرجن، سي نظر نه ايندا آهن. افسوس ته ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته وڏا روڊ تعمير ٿيڻ وقت نه ان وقت ٺيڪيدار موجود هوندو آهي، نه ٽريفڪ پوليس بيٺل هوندي آهي نه ئي ڪو اهڙي ذميوار اداري جا ماڻهو چوڪس بيٺل هوندا آهن، جيڪي ٺهندڙ روڊ جي ڀرپاسي ايندڙ ٽرئفڪ ۽ هلندڙ ماڻهن کي صحيح نموني گائيڊ ڪري سگهن، جيستائين ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ان جي ڊيوٽيءَ جو تعلق آهي ته نه رڳو حيدرآباد پر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هي ادارو ناڪام نظر اچي ٿو، ڪيتري به شهر ۾ رش هجي يا ٽريفڪ جام هجي پر اتي ٽرئفڪ جو سپاهي توهان کي نظر نه ايندو پر جيڪڏهن نظر ايندو ته ڪنهن خالي روڊ پر ڪم واري چوڪيءَ تي سيٽيون وڄائيندو نظر ايندو، ان کان وڌيڪ انڌير ڪهڙو ٿيندو ته حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ هڪ وسيع ۽ رش وارو روڊ آهي، جنهن تي اڳ روڊ هوندي به روڊ حادثا معمول بڻيل هئا پر هاڻ جڏهن ته روڊ ٺهي رهيو آهي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جهاز وانگر ايندي نظر اچي ٿي، اهو به نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٻنهي پاسي هلندڙ ٽريفڪ بنا ڪنهن سائيڊ جي هڪ ئي روڊ تي گڏجي گاڏيون هلي رهيون آهن. جنهن جو سبب اهو اهي ته اتي ڪو به نه ٽريفڪ جو اهلڪار آهي، نه پوليس بيٺل آهي نه ئي روڊ ٺاهيندڙ انجنيئر ۽ آفيسر بيٺل آهي ۽ ٽريفڪ بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ڇڙواڳ بڻيل آهي. جيستائين حيدرآباد وٽ ڊمپر جي ٽڪر ۾ سوزوڪي ۾ سوار بيگناهه پورهيت نياڻين زندگين ضايع ٿيڻ جو تعلق آهي ته حادثي تي جيترو اکيون لڙڪ لاڙين ايترو گهٽ آهن، جنهن جو اندازو جن گهرن ۾ لاش ويا هوندا، انهن کي هوندو پر روڊ ٺاهيندڙ ٺيڪيدار ۽ انجنيئر ۽ ٽريفڪ جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل ٽريفڪ کاتي کي ڪهڙو احساس هوندو! اهو چئجي ته انڌير نگري آهي ته گهٽ نه ٿيندو، سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ٽريفڪ پوليس جو ادارو قائم ڇا جي ڪري ڪيو ويو آهي؟ اڄ به روڊن تي ۽ شهرن ۾ رش ۽ حادثا معمول بڻيل آهن، پوءِ اهو کاتو ڪهڙي مرض جي دوا آهي، اهڙن ماڻهن کي ته پوليس کاتي ۾ ضم ڪري بندوقون ڏئي سيڪيورٽي گارڊ ڪري ويهاري ڇڏڻ گهرجي. ساڳي طرح روڊ ٺاهيندڙ ادارن جي به غفلت آهي، جيڪي ٺهندڙ روڊن تي حفاظت لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن وٺندا، گڏو گڏ ذميوار آفيسر ۽ ٺيڪيدار به غائب هوندا آهن. نتيجي ۾ اهڙي قسم جا حادثا ٿين ٿا ۽ بيگناهه ماڻهن جا برباد ٿي وڃن ٿا. اسين ٽنڊو محمد خان-حيدرآباد روڊ تي ٿيل هن افسوسناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان استدعا ڪنداسين ته هوءَ فوت ٿيل پورهيت نياڻين ۽ ڊرائيور جي نه رڳو مالي سهائتا ڪري پر ڇڙواڳ هلندڙ ڊمپرن ۽ غير ذميوار ٽريفڪ اهلڪارن ۽ روڊ ٺاهيندڙ ذميوارن خلاف سخت کان سخت قدم کڻي متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪري ۽ اهڙي قسم جي ٺهندڙ ٺهندڙ روڊن تي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪري وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي حادثن کان بچايو وڃي.