جمعو 17  آگسٽ 2018ع

اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: اي ٽي ايم فراڊ ڪيس ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري کي ڪراچي جي ماتحت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بيناد تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار خلاف فريادي وٽ ڪو به ثبوت نه هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو تنهن هوندي جوابدار ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت فريادي کي 20 فيبروري تائين شاهد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.