ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

شهري کي هٿيار ڏيکارڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ سلمان مجاهد خلاف ڪيس داخل

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: پي ٽي آءِ جي ميمبر کي هٿيار ڏيکارڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ سلمان مجاهد بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي ڪارڪن تي مجاهد بلوچ طرفان مبينا طور تي هٿيار ڏيکاري ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان، علي زيدي ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ گزري ٿاڻي پهتو جتي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان اسماعيل جي مدعيت ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪيو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل سنڌ جي گهرو وزير سان رابطو ڪيو ۽ معاملي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي سهيل انور سيال پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر کي سلمان مجاهد جي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي گهرو وزير چيو ته ڪنهن کي طاقت جي ناجائز استعمال جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي. هن سلمان مجاهد بلوچ جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو به حڪم ڏنو. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ميمبر احسن علوي واقعي جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته گذريل شام اهو واقعو ڊفينس واري علائقي ۾ پيش آيو جڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبر سلمان مجهد بلوچ زبردستي گاڏي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران اسان جي ۽ سندس گاڏي ڦاسي پئي، سلمان مجاهد بلوچ جيڪو ويگو گاڏي ۾ سوار هيو ۽ پاڻ ئي گاڏي هلائي رهيو هو رستو نه ملڻ تي هن پهرين ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي هٿيار ڏيکاريو ۽ بعد ۾ سندس گارڊ به لهي آيا ۽ انهن به هٿيار ڏيکاري ڊيڄاريو.