ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

ڏکڻ آفريڪا ۾ سياسي بحران، صدر کي عهدو ڇڏڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت

ويب ڊيسڪ: ڪيپ ٽائون: ڏکڻ آفريڪا جي حڪمران پارٽي آفريڪن نيشنل ڪانگريس پنهنجي ئي چونڊيل صدر جيڪب زوما کي عهدو ڇڏڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي. جيڪب زومان ڪرپشن اسڪينڊلز، معيشت جي بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ اضافي جهڙن الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن تي اپوزيشن وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي. جيڪب زوما 2009ع ۾ اقتدار سنڀالڻ بعد ٻه ڀيرا صدر چونڊجو آهي ۽ ايندڙ سال سندس صدارت جو مدو پورو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف حڪمران پارٽي جي سربراهه سرل رامافوسا صدر زوما جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ 3 ڪلاڪن تائين ڳالهين دوران کيس عهدو ڇڏڻ تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر صدر زوما عهدو ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي سربراهه هڪ هفتو اڳ صدر جيڪب زوما کي عهدو ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو هو پر صدر زوما پارٽي جي نيشنل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي کي چيو ته کيس ڪجهه مهينا وڌيڪ مهلت ڏني وڃي جنهن کي پارٽي اڳواڻن رد ڪري ڇڏيو. سرڪاري ٽي وي وي ايس اي بي سي مطابق حڪمران پارتي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي صدر جيڪب زوما کي اقتدار کان ڌار ٿيڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صدر عهدو نه ڇڏيو ته سندس خلاف پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ آندي ويندي.