اربع 23 مئي 2018ع

چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار شاهزيب قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي آئي جي جيل کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.