اڱارو 24 اپریل 2018ع

دبئي پوليس سري ديوي جي ميت ڀارت موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: دبئي: دبئي جي هوٽل ۾ باٿ روم اندر فوت ٿيل بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪارا سري ديوي جي موت بابت دبئي پوليس پنهنجي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ۽ ان حوالي سان سندس مڙس بوني ڪپور کي پوليس اسٽيشن تي گهرائي کائنس پڇا ڳاڇا ڪئيو وئي آهي ۽ سندس بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڏيل عرب امارتن جي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سري ديوي جي موت وارو معاملو ڊرامائي رخ اختيار ڪندو پيو وڃي ۽ دبئي پوليس جي ذريعن ٻڌايو آهي ته دبئي پراسيڪيوشن ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪندي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون جو سري ديوي باٿ روم جي ٽب ۾ ٻڏي فوت ٿي آهي. ان کان علاوه هڪ ميڊيڪل ٽيم به سري ديوي جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪري رهي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن جاري ڪيل فارينزڪ رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سري ديوي دل جي دوري نه پر باٿ ٽب ۾ حادثاتي طور تي ڪري ٻڏڻ سبب فوت ٿي آهي ۽ هوءَ ان وقت نشي ۾ هئي.