اربع 19 ڊسمبر 2018ء

آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روس نه پر شايد يهودين مداخلت ڪئي آهي: روسي صدر ولاديمير پيوٽن

ويب ڊيسڪ: ماسڪو: روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روس نه پر شايد يهودين مداخلت ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ روسي صدر آمريڪي چونڊن ۾ روس جي ملوث هجڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ترديد ڪئي ۽ چيو ته آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت ڪندڙن وٽ ممڪن آهي ته گرين ڪارڊ هجن يا آمريڪا ان ڪم لاءِ کين رقم ڏني هجي. آمريڪي چونڊن ۾ فرد جرم کي منهن ڏيندڙ 13 روسي شهرين جي حوالي سان صدر پيوٽن چيو ته کيس ان جي ڪا پرواهه ناهي ڇوجو اهي روسي حڪومت جو حصو نه هئا. صدر پيوٽن وڌيڪ چيو ته جيستائين ڪنهن روسي قانون جي خلاف ورزي نه ڪئي هجي روس جي حڪومت انهن کي سزا نٿي ڏئي سگهي. انٽرويو دوران پيوٽن کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته جن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي انهن ۾ روسي ريسٽورينٽ جو مالڪ به آهي جيڪو صدر ”پيوٽن جي شيف“ طور مشهور آهي جنهن تي صدر پيوٽن چيو ته روس ۾ ڪيترائي مشهور ماڻهو آهن پر اهي رياستي نمائندا ناهن ۽ گرفتار روسي واپاري حڪومت جو حصو ناهي.