ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

نيپال: کٽمنڊو ائيرپورٽ تي بنگلاديش جو مسافر جهاز ڪري تباهه، 50 ڄڻا فوت

ويب ڊيسڪ: کٽمنڊو: نيپال جي کٽمنڊو ايئرپورٽ تي مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ابتدائي طور تي 50 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.ابتدائي اطلاعات مطابق فلائٽ نمبر بي ايس 11 ۾ عملي سميت 71 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 50 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.